حيدرآباد ۾ ناقص صفائي تي ميئر کي ڇنڊ، فلٽر پلانٽ تان فوري قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

0Shares

حيدرآباد / ڪوٽڙي  (بيورو + ن ھ) واٽر ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم جو حيدرآباد ۾ واڌو واهه، پريٽ آباد ۾ فلٽر پلانٽ، غفور شاهه ڪالوني سميت ٻين علائقن جو دورو، صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ۽ فلٽر پلانٽ جي پاسي ۾ قبضا نه هٽائڻ تي لاڳاپيل انتظاميا کان سخت پڇاڻو، ڇنڊ پٽيندي ڪارڪردگي کي عملي صورت ۾ بهتر بڻائڻ جو حڪم. تفصيل موجب واٽر ڪميشن جو سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم ڪالهه اوچتو حيدرآباد جي دوري تي پهتو، جتي هن ججز لاجز ۾ لاڳاپيل انتظاميا سان گڏجاڻي ڪرڻ ۽ معاملن تي بريفنگ وٺڻ بعد شهر جي دوري تي نڪري پيو ته انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، واٽر ڪميشن جي سربراهه امير هاني مسلم آٽوڀان روڊ جو دورو ڪيو ۽ هر هنڌ ڪچري جا ڍير ڏسندي حيدرآباد جي ميئر سيد طيب حسين کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ميئر صاحب روڊ تي ايترو ڪچرو آهي ته گهٽين ۾ ڪيترو ڪچرو هوندو؟ فوري طور روڊن تي موجود ڪچرن جي ڍيرن کي صاف ڪيو وڃي، جنهن بعد هن آٽوڀان روڊ وٽ تعمير ٿيندڙ شاپنگ مال بابت ايم ڊي واسا کان معلومات ورتي ته ايم ڊي واسا جواب ڏنو ته هن شاپنگ مال جي تعمير ۾ تڪرار آهي، جنهن تي هن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ريجنل ڊائريڪٽر کي ايندڙ ٻڌڻي دوران ڪراچي طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو، واٽر ڪيمشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم پريٽ آباد فلٽر پلانٽ ۽ هالاناڪي وٽ قائم ٿيل فلٽر پلانٽن جو پڻ دورو ڪيو، جتي فلٽر پلانٽ تي حددخليون ڏسي ۽ فلٽر پلانٽن کي چوديواري نه ڏيارڻ تي ايم ڊي واسا کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته مون اوهان کي پئسا رليز ڪرائي ڏنا، پوءِ به چوديواري نه ڏياري سگهيا آهيو ۽ قبضا ختم ڇو نه ڪرايا ويا آهن؟ جنهن تي انتظاميا چيو ته فوري قبضا ختم ڪرايا ويندا، هوڏانهن ميرپور چينل موري ويجهو غفور شاهه ڪالوني جي رهواسين واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم جي سامهون بي گهر ٿيڻ تي احتجاج ڪندي کيس اپيل ڪئي ته پريٽ آباد فلٽر پلانٽ کي اهڙي نموني چوديواري ڏياري وڃي ته جيئن اسان جا گهر نه ڊهن، جنهن تي امير هاني مسلم ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ايم ڊي واسا کي هدايتون جاري ڪيون ته غفور شاهه ڪالوني جي رهواسين سان ويهي مسئلو حل ڪيو وڃي. ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي ۾ واٽر ڪميشن بورڊ جي سربراھ امير هاني مسلم اوچتو ئي ڀٽائي ڪالوني جي پاڻي ٽينڪ تي پهچي ويو ميونسپل چيئرمين پبلڪ هيلٿ سميت عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو تہ پاڻي کوٽ متاثر بہ سندس جو ٻڌي پهچي ويا واٽر ڪميشن سربراھ عوام شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا امير هاني مسلم پاران ميونسپل عملي توڙي پبلڪ هيلٿ عملي سميت ضلعي انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار هي جيڪو پاڻي جي ٽينڪن ۾ پاڻي بيٺو آ اهو اوهان پيئندو ڇو ٿا ماڻهن کي زهر پياريو توهان کي احساس نٿو ٿئي سڀ ڪم اسان کي ڪرڻا پوندا هن وڌيڪ پبلڪ هيلٿ جي ايڪسئين کي ڇنڊ پٽيندي چيو تہ توکي اهيا بہ اهليت ناهي ڇا تہ ٽينڪ ۾ پاڻي ڪيئن صاف ڪري هلائڻو آ ايتري سروس ڪيئن ڪئي اٿئي توهان ڪم نہ ڪندو هاڻ اوهان کان ڪم کسڻا پوندا واٽر ڪميشن سربراھ عوامي شڪايتن دوران چيو تہ هتان جي عوام جي حالت الاهي خراب آهي ماڻھون پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپن پيا واٽر ڪميشن سربراھ ڀٽائي ڪالوني ٽينڪ کان خانزادہ ڪالوني پنڌ پڻ ڪيو گندگي ڏسي صفائي بابت پڻ پڇاڻو ڪيو پاڻي ڪميشن سربراھ شڪايت ڪندڙن کي ڊي سي آفيس ۾ طلب ڪري شڪايتون پڻ ٻڌيون ۽ انتظاميان کان سخت پڇاڻو ڪيو پاڻي ڪميشن سربراھ پبلڪ هيلٿ کي چيو تہ اوهان رڳو ڪروڙن جون اسڪيمون ڏيکاري ڪروڙين روپيا کاڌا آهن کين هدايت ڪندي هن چيو عوام کي جتي واٽر سپلاء ذريعي پاڻي نٿو ڀهچي اتي فوري طور تي ننڍا ٽينڪ ٺاهي عوام کي رليف ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ عملدارن خلاف ڪاروائي ڪنداسين ٻئي طرف ٻولهاڙي اتحاد رستم چانڊيو جي ايم شاھ يوٿ اتحاد ٻولهاڙ سلام لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واٽر ڪميشن سربراھ اڳيان احتجاج پڻ ڪيو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں