انگلينڊ ويمين جي پهرين ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ ويمين کي 142 رنسن تان بدترين شڪست

0Shares

ليڊز(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ويمين پهرين ون ڊي مئچ ۾ نيوزيلينڊ ويمين کي 142 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي. ليڊز جي ميدان تي کيڏيل مئچ ۾ انگلينڊ ويمين ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 290 رنسن جو پهاڙ ٺاهيو ايلن جونز ۽ ڪپتان نائيٽ 63-63، بيومونٽ 40 ۽ نتالي 37 رنسون ٺاهيون. برنٽ 30 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي. تهوهو ۽ اميلياڪر 2-2 رانديگرياڻين کي پويلين موڪليو. جواب ۾ نيوزيلينڊ ويمين 35.3 اوورن ۾ فقط 148 رنسن تي ئي ڍير ٿي وئي. ڊوائن 33، ڪپتان بيٽز 28 ۽ ميڊي گرين 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. 6 رانديگرياڻيون ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيو.ن تالي ۽ مارش 3-3 ۽ ايلوس 2 رانديگريانين کي پويلين موڪليو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں