فيفا ورلڊ ڪپ: انگلينڊ جي سوئيڊن کي ۽ بيلجيم جي برازيل کي شڪست

0Shares

ماسڪو(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ جي ٻئي ڪوارٽر فائينل ۾ بيلجيم جي برازيل کي 1-2 تان شڪست، سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. جڏهن ته پنج دفعا عالمي چيمپئن رهندڙ برازيل عالمي ڪپ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي. روسي شهر ڪازان ۾ کيڏيل مئچ ۾ بيلجيم شاندار راند جو مظاهرو ڪندي بيلجيم کي پهريون گول اون گول جي صورت ۾ مليو جڏهن فرنينڊنهو پنهنجي ئي ڄار ۾ بال اڇلائي ڇڏيو. بيلجيم جي برتري ڊي برون 31  هين منٽ ۾ ٻيڻي ڪري ڇڏي. ٻئي هاف ۾ برازيل شاندار حملا ڪيا پر بيلجيم دفاع جاري رکيو. 76 هين منٽ ۾ ريناٽو اگمٽو بيلجيم جي برتري اڌ ڪري ڇڏي پر برازيل وڌيڪ گول اسڪور نه ڪري سگهيو. اهڙي طرح برازيل ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿي ويو. بيلجيم 1986ع کانپوءِ پهريون ڀيرو سيمي فائينل مرحلي ۾ پهتو آهي. ٽئين ڪوارٽر فائينل ۾ انگلينڊ هڪ طرفي مقابلي بعد سوئيڊن کي 2-0 تان شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. انگلينڊ شروع کان ئي سوئيڊن کي سخت دٻاءُ ۾ رکيو ۽ سوئيڊن جي ٽيم مقابلو نه ڪري سگهي. انگلينڊ جي ميگيوئر 30 هين منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري جيڪا ڪافي دير تائين برقرار رهي. انگلينڊ جي ڊيل ايلي 58 هين منٽ ۾ ٻيول گول ڪري ٽيم کي فتح جي ويجهو پهچائي ڇڏيو. آخري لمحن تائين سوئيڊن خسارو گهٽ ڪرڻ ۾ به ڪامياب نه رهي. ايئن انگلينڊ سيمي فائينل ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. سندس مقابلو روس يا ڪروشيا سان 11 جولاءِ تي ٿيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں