سني ليوني جي زندگي تي ٺهندڙ ويب سيريز جو ٽريلر جاري

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بيباڪ اداڪارا سني ليوني جي بائيوگرافي تي ٻڌل ويب سيريز جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سني ليوني پنهنجي بيباڪ اداڪاري سبب هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي، هوءَ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي ان کان علاوه ڪيترين ئي فلمن ۾ آئٽم سانگ به ڪري چڪي آهي. هاڻ ان جي زندگي تي ٺهندڙ ويب سيريز ڪرن جيت ڪور دي انٽولڊ اسٽوري آف سني ليوني جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سني ليوني جي بائيوگرافي ۾ ان جي ماضي بابت جدوجهد جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان جي اڳ جي زندگي ڪيئن هئي. هن سني نالي جي چونڊ ڇو ڪئي ۽ پوءِ هوءَ ڪينيڊا کان ڀارت ڇو منتقل ٿي ۽ ان دوران کيس ڪهڙن مسئلن مان گذرڻو پيو ۽ ڪيئن کيس بالي ووڊ جي چمڪندڙ دنيا ۾ قدم رکڻ جو سونهري موقعو مليو ۽ ان کانپوءِ هوءَ شهرت جي اونچائين تي پهچي وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں