لوڪ گيتن جي راڻي مائي ڀاڳي کي وڇڙئي 32 سال وهامي ويا

0Shares

حيدرآباد(شوبز نيوز)  لوڪ گيتن جي راڻي ۽ صدارتي ايوارڊ يافتا مائي ڀاڳي جي اڄ 32هين ورسي ملهائي پئي وڃي، سرڪاري سطح تي ڪابه تقريب نه ٿيڻ ڪري سندس گهرڀاتين مزار تي حاضري ڀري ورسي سادگي سان ملهائي. مائي ڀاڳي 1920ع ڌاري ٿر ۾ مٺي ڀرسان هڪ ننڍي شهر ڏيپلو جي وهنيون ۾ جنم ورتو. مائي ڀاڳي شروع ۾ پنهنجي ماءُ سان ڳوٺ جي ننڍين ننڍين محفلن ۽ شادين ۾ ڳائيندي هئي. شڪل جي ڪوجھي ۽ قد جي ننڍڙي ڪن تي ھٿ رکي ڳائيندي ھئي. سندس اصل نالو هو ڀاڳ ڀري، پر پوءِ سندس نالو مائي ڀاڳي سان مشهور ٿيو. مائي ڀاڳي سنڌ جي ننڍي وڏي علائقي سميت ملڪ ۽ ملڪ کان به ٻاهر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. سندس زندگي کان متاثر ٿي محترم عبدالقادر جوڻيجي هڪ ڊرامو ڪاروان پڻ لکيو هو، جيڪو پي ٽي وي تي هلي چڪو آهي. صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ مائي ڀاڳي 7 جولاءِ 1986ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں