ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي جو خاتمو، هارين کي مفت زمينون ڏيڻ ۽ ايل بي او ڊي رٿا ختم ڪرڻ جو اعلان، جي ڊي اي چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو

0Shares

حيدرآباد(منصور مري ) گرينڊ ڊيموريٽڪ الائنس چونڊ منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو، حڪومت ۾ اچي سڀ کان پهرين گڊ گورننس کي بهتر بڻائڻ، عوام کي معياري تعليم، صحت، پاڻي، بجلي، گئس سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ، ميرٽ تي روزگار ڏيڻ، شهرن ۽ ٻهراڙين کي ترقي ڏيارڻ، سنڌ جي قومي وحدت جي حفاظت ڪرڻ سميت آبپاشي جي نظام ۽ زراعت جي شعبن سميت پوليس کاتي ۾ سڌارا آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجي ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پيپلز ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اين اي 225 جي اميدوار ناهيد خان ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري عبدالڪريم شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اقتدار ۾ اچي جي ڊي اي قانون جي حڪمراني ۽ اهليت جي اهميت کي ترجيح ڏني ويندي، امن امان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اسپيشل فورس جوڙي ويندي، هن چيو ته ملڪ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي ماحول کي هٿي وٺرائي ويندي ۽ سنڌ جي قومي وحدت جي حفاظت ڪئي ويندي، فرقيواريت علائقائي تعصب پرستي، لسانيت ۽ رنگ و نسل جي فرق کي ختم ڪنداسين، هن چيو ته پورهيتن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويندو، صوبي جي سمورن شاگرن کي گرجوئيشن تائين مفت تعليم فراهم ڪئي ويندي، معذور شاگردن لاءِ تعلقي سطح تي اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر قائم ڪيا ويندا، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي شهرن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي داخلا تي لاڳو پابندي فوري طور تي ختم ڪئي ويندي، تعليم ۽ صحت جو معيار بهتر بڻائي انهن شعبن جي 3 کان 7 سيڪڙو بجيٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو، صوبي ۾ سرڪاري زمين 20_20 ايڪڙ زمين مفت هارين ۾ ورهائي ويندي، حڪومت سازي جي 3 سالن ۾ انقلابي تبديليون آنديون وينديون، ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي پروجيڪٽ مڪمل طور تي ختم ڪيا ويندا، پاڻي جو حق پورو حاصل ڪيو ويندو، سنڌ جو عوام 85 سيڪڙو پاڻي گندو پيئڻ تي مجبور آهي، اسان صاف پاڻي فراهم ڪنداسين، معيشت کي بهتر بڻايو ويندو، توانائي شعبي ۾ سڌارا آڻي بجلي جي پيداوار ٿرڪول مان وڌائي ويندي، بجلي ۽ گئس جي بلن ۾ گهٽتائي آندي ويندي، هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻايو ويندو، انهن کي حق ڏنا ويندا، ڪاروڪاري کي جڙ کا ن ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته جي ڊي اي اقليتي لفظ خلاف آهي، ان جو متبادل هجڻ گهرجي، ملڪ ۾ سڀ برابر جا شهري آهن، هندو ڇوڪرين جو جبري مذهب تبديل ڪرڻ خلاف هونداسين، گهريلو صنعت کي هٿي ڏياري ويندي، هن چيو ته ماحوليات کي بهتر بڻايو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں