اسلام آباد (بيورو+ مانيٽرنگ ڊيسڪ) نواز شريف مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪئپٽن صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل نيب جا گرفتاري لاءِ ڇاپا ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت پاران نواز شريف مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر کي سزا بعد سندن گرفتار وارنٽ جاري ڪيا ويا نيب کي ٽنهي ڄڻن کي گرفتاري جا وارنٽ ملي ويا آهن نيب جي ٽيم ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري لاءِ مانسهره ۽ ايبٽ آباد ۾ گهرن تي ڇاپا هنيا پر هو هٿ نه آيا ٻئي طرف نيب ترجمان موجب اسان کي احتساب عدالت مان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتاري وارنٽ ملي چڪا آهن، جنهن کانپوءِ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته احتساب عدالت جي فيصلي تي ان جي روح موجب عمل ڪيو ويندو. نيب ترجمان وضاحت ڪئي ته گذريل ڏينهن عدالت جي فيصلي ۾ لکيو ويو هو ته نواز شريف تي ڪرپشن جا چارجز ناهن پر نيب آرڊيننس موجب جيڪي اثاثا آمدني جي ذريعن کان وڌيڪ ظاهر ٿين ٿا ته اهي ڪرپشن جي زمري ۾ اچن ٿا. نيب جي وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيب آرڊيننس 1999ع تحت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ڪرپشن آهي اهو تاثر درست ناهي ته جوابدارن کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ڪرپشن جي الزام مان بري ڪيو ويو آهي ٻئي طرف نگران وفاقي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. نگران وفاقي سرڪار احتساب عدالت جي ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن بعد هو پرڏيهه نه وڃي سگهندو. نيب احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ ڪيپٽن صفدر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط پڻ لکيو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ڏوهي قرار ڏيڻ بعد شريف خاندان جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز، نواز شريف ۽ صفدر جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن. نيب جو چوڻ آهي ته ڪيپٽن صفدر ڪنهن به وقت ملڪ مان ڀڄي سگهي ٿو، تنهن ڪري سندس نالو فوري طور اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي. ٻئي طرف ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري جي صورت ۾ کين سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت لاهور يا وري اڊيالا جيل روالپنڊي ۾ رکڻ جو امڪان آهي. احتساب عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ کانپوءِ نيب نواز شريف ۽ مريم نواز کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ کيس هوائي اڏي تي ئي گرفتار ڪيو ويندو. نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري جي صورت ۾ ٻن جيلن ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، کين سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت لاهور يا وري اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ رکي سگهجي ٿو. ذريعن موجب نواز شريف ۽ مريم نواز کي جنهن جيل ۾ رکيو ويندو تنهن کي سب جيل قرار ڏئي سگهجي ٿو. ماضي ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي سهالا ويجهو هڪ ريسٽ هائوس ۾ رکيو ويو هو جڏهن ته جنرل يحيٰ خان کي جهلم ۾ هڪ ريسٽ هائوس ۾ رکيو ويو هو. ذريعن موجب ڪنهن ڏوهاري کي تڏهن ئي سب جيل ۾ رکي سگهجي ٿو جڏهن سندس حياتي کي خطرو هجي، ڪنهن ڏوهاري کي جيڪڏهن سب جيل ۾ رکيو وڃي ته تنهن کي بي ڪلاس چيو ويندو آهي، جيل رولز 245 تحت بي ڪلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي خدمت لاءِ 2 قيدي ڏنا ويندا آهن. بي ڪلاس تحت ڏوهاري جيل يونيفارم بدران عام ڪپڙا پهري سگهي ٿو،جوابدار کي گهر جو کاڌو ڏئي سگهجي ٿو يا کاڌو تيار ڪرڻ جي اجازت به هوندي آهي، جڏهن ته جوابدار کي ٽي وي، ايئر ڪنڊيشن ۽ اخبار لاءِ گهرو سيڪريٽري جي اجازت گهربل هوندي.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟