لنڊن (م ڊ) نوازشريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي نياڻي مريم نواز جمعي تي ڏيهه واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نوازشريف تي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ن مليو پر پوءِ سزا ٻڌائي وئي، اسان تي مشرف دور ۾ به ڪيس ٿيا پر ثبوت نه مليو. هنچيو ته جمعي تي پاڪستان اينديس. هن چيو ته 25 جولاءِ تي وڏي عوامي عدالت لڳندي مريم نواز چيو ته اڃان ته جيل وينديس. ڪارڪن اليڪشن جي تياري ڪن. نوازشريف چيو ته قومي ذميواري ذاتي ذميوارين کان وڌيڪ آهي. مريم نواز چيو ته ” ريڊ وارنٽن کي پاڻ وٽ رکن، انهن کي ڊڪٽيٽرن جي لاءِ سنڀالي رکن. مريم نواز چيو ته پهرين اسان جو فيصلو ڪيو هو ته ماءُ جي هوش ۾ اچڻ تائين واپس نه اينداسين، ڊاڪٽرن اميد ڏياري آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ماءُ کي هوش اچي ويندو ان ڪري اسان جمعي تي پاڪستان واپس اينداسين. مريم نواز چيو آهي ته عدالتي فيصلي جو وڪيل جائزو وٺي رهيا آهن ۽ اسان 10 ڏينهن کان اڳ ئي ڏيهه موٽنداسين. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عدالتي فيصلي خلاف اپيل تي صلاح مشورو ڪري رهيا آهيون ۽ وڪيل قانوني پهلوئن جو جائزو وٺن پيا. هن چيو سٺو ٿيو ته برطانيا کان مدد وٺڻ جو چيو ويو آهي، ان سان کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو، ڇو ته برطانوي ادارا اڳ ئي پاڪستان کي چئي چڪا آهن ته غير قانوني ڪم ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو ته عدالتي فيصلي خلاف ڊيو پراسس اختيار ڪيو ويندو، ڏيهه واپسي لاءِ وڪيلن جي ٻڌايل 10 ڏينهن کان اڳ ئي موٽنداسين مريم نواز چيو آهي ته نيب ريفرنس دوران مسلسل مون کي پيغام ملندو رهيو آهي ته پنهنجي سوچ ۽ ڳالهين جي قيمت چڪائڻي پوندي. مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي. مريم نواز چيو ته 70ورهين کان پاڪستان جي تقدير سان ڳجها هٿ کيڏي رهيا آهن ۽ هر معاملي ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته منهنجي خلاف ڪيسن پويان اها ئي سوچ آهي جيڪا چوي ٿي ته جيڪو شخص ڳجهن هٿن کي چئلينج ڪندو تنهن ڪري عبرت جو نشان بڻايو ويندو، ان سموري عرصي دوران نواز شريف کي به پيغام ملندو رهيو آهي ته توهان ڌيءَ سميت ٻاهر هليا وڃو ۽ اتي ئي آباد ٿيو، اهڙي نموني مون کي به پيغام ملندو رهيو ته توهان کي ته اسان نه ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته مون کي مسلسل هڪ پيغام ملندو رهيو آهي ته توهان جي سوچ، تقريرون ۽ بيانن تي سخت اعتراض آهي جنهن جي قيمت توهان کي چڪائڻي پوندي، کين اهو به لڳو ته مان نواز شريف کي سندن خلاف ڀڙڪائي رهي آهيان ۽ مون سان منهن ڏيڻ وڌيڪ مشڪل آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟