تربيلا ڊيم ۾ پاڻي انتهائي گهٽ سطح تي پهچي ويو، سنڌ ۽ پنجاب جي فراهمي ۾ 15 سيڪڙو ڪٽوتي جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) ارسا تربيلا ڊيم ۾ پاڻي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي پهچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ارسا سنڌ ۽ پنجاب ۾ 15 سيڪڙو پاني جي فراهمي ۾ ڪٽوتي جو فيصلو ڪري ڇڏيو. موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان به شامل آهي، ڪافي عرصي کان خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مناسب انتظام نه ڪرڻ جي صورت ۾ ملڪ ۾ پاڻي جي زبردست قلت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. گهٽ برساتن ۽ اتر علائقن ۾ درجه حرارت نه وڌڻ سبب پاڻي جي سطح ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي. ارسا مطابق تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جولاءِ جي مهيني ۾ تربيلا ۾ پاڻي جي ليول گهٽ ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. 21 جون کان هن وقت تائين تربيلا ۾ پاڻي جي ليول 63 فوٽ تائين گهٽتائي اچي وئي آهي. صورتحال اها آهي جو تربيلا ۾ پاڻي جي سطح 1386 فٽ گهٽ ترين سطح تي آهي. ارسا موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي سپلاءِ ۾ 15 سيڪڙو ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو آهي. زرعي ماهرن مطابق پاڻي جي فراهمي ۾ گهٽتائي سبب فصلن جي پيداوار متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں