زرداري ۽ فريال جو گهيرو تنگ، ايف آءِ اي حسين لوائيءَ جو 5 ڏينهن جو رمانڊ وٺي ڇڏيو

0Shares

ڪراچي (ڇيف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت مشهور بئنڪار حسين لوائي ۽ محمد طحه جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي خانگي بئنڪ جي سربراهه ۽ آصف زرداري جي ويجهي ساٿي حسين لوائي کي من لانڊرنگ ڪيس ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري باقاعده گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي اختيارين جوابدار حسين لوائي ۽ شريڪ جوابدار محمد طحه کي سخت سيڪيورٽيءَ ۾ ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ آندو جتي کيس جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. حسين لوائي طرفان شوڪت حيات ايڊووڪيٽ پنهنجو وڪالت نامو عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. ايف آءِ اي اختيارين جوابدارنجي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي جنهن جي مخالفت ڪندي جوابدارن جي وڪيل چيو ته حسين لوائي کي ايف آءِ اي ڪيترائي نوٽيس جاري ڪيا، هن پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو آهي، ايف آءِ اي پهريون به بيان وٺي چڪي آهي، تنهن ڪري وڌيڪ ڪنهن رمانڊ جي ضرورت ناهي. ايف آءِ اي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته حسين لوائي خلاف جعلي ۽ گمنامي اڪائونٽس جي جاچ جاري آهي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي. عدالت ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ جوابدارن کي 11 جولاءِ تائين رمانڊ تي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. حسين لوائي تي 35 ارب مني لانڊرنگ جو الزام آهي. ايف آءِ اي مطابق حسين لوائي 3 بينڪن جي 29 جعلي اڪائونٽن ذريعي 35 ارب جي مني لانڊرنگ ڪئي. ڄاڻايل 29 اڪائونٽس مان رقم جي ڏي وٺ اومني گروپ جا ملازم ڪندا هئا، اومني گروپ جو مالڪ انور مجيد آهي، جيڪو پرڏيهه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ايف آءِ اي حسين لوائي خلاف ڪيس ۾ وڏين سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن جي ذڪر سان گڏ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ڪمپني جو به ذڪر ڪيو آهي. ڪيس جي متن مطابق آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ڪمپني به مني لانڊرنگ جو فائدو کڻڻ ۾ شامل آهن، زرداري گروپ ڏيڍ ڪروڙ مني لانڊرنگ جي رقم وصول ڪئي. ڪيس ۾ اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد جي ڪمپنين جو به ذڪر آهي. مني لانڊرنگ مان باقاعده فائدو کڻڻ وارن ۾ نزلي مجيد، نمره مجيد ۽ عبدالغني مجيد شامل آهن. ايف آءِ اي موجب مني لانڊرنگ واري رقم مان بحريا ٽائون ڪراچي ۽ زين ملڪ 7501000،00، سجاول ايگرو فارم (پرائيويٽ لميٽيڊ 50،500،000، ٽنڊوالهيار شگر ملز 238،446،000، اومني پرائيويٽ لميٽيڊ 50،000،000، ايگرو فارمس ٺٽو 17،000،000، الفاز لا ڪو (پرائيويٽ لميٽيڊ 22،500،000، مريد اڪبر 20،000،000، شير  محمد مغيري ٺيڪيدار 50،000،000، سردار  محمد اشرف ڊي بلوچ ٺيڪيدار 100،000،000، اي ون انٽر نيشنل (ايس ٽي آر ۾ اڪائونٽ رپورٽ ٿيل 184،506،490، لڪي انٽر نيشنل  305،000،000، لاجسٽڪ ٽريڊنگ 145،000،000، اقبال ميتلس 156،380،086 رائل انٽر نيشنل 185،000،000 عمير ايسوسيئيشن 581،200،000 رپيا حاصل ڪيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں