بنگالي جادو ناڪام، ويسٽ انڊيز جي پهرين ٽيسٽ مئچ ۾ بنگلاديش کي اننگ ۾ 219 رنسن تان شڪست

0Shares

اينٽيگوئا(اسپورٽس نيوز)ويسٽ انڊيز پهرين ٽيسٽ مئچ ۾ بنگلاديش ي اننگ  ۾ 219 رنسن تان بدترين شڪست ڏني، ٻن مئچن جي  سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي مئچن ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، بنگلاديش پهرين ڏينهن فقط 43 رنسن تي ڍير ٿي وئي ويسٽ انڊيز پهرين اننگ ۾ 406 رنسون ٺاهي پولين موٽي بريٿويٽ 121، شائي هوپ 67، ڊيون اسمٿ 58 ۽ پاويل 48 رنسون ٺاهي نمايان رهيا ابوجاويد ۽ مهدي حسن 3-3 ۽ شقيب 2 رانديگرن کي پولين موڪليو، بنگلاديش ٻئي اننگ 363 رنسن جي خساري سان شروع ڪئي ۽ فقط 144 رنسن تي ڍير ٿي وئي 6 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا شنن گبريل 5 ڪپتان هولڊر 3 ۽ ڪمنس 2 رانديگرن کي پولين موڪليون ڪيما روچ کي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، بنگالي جادونه هلي سگهيو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں