ٽراءِ سيريز: آخري ليگ مئچ ۾ آسٽريليا جي زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست

0Shares

هراري(اسپورٽس نيوز) ٽه ملڪي ٽي 20 سيريز جي آخري مئچ ۾ آستريليا جي زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست، زمبابوي هڪ مئچ ۾ به فتح هاصل نه ڪري سگهي. هراري ۾ کيڏيل مئچ ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 151 رنسون ٺاهي سگهي. سولومن مري 63 ۽ بيٽرمور 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. 5 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. اينڊريو ٽاءِ 3 ۽ اسٽنليڪ ۽ رچرڊس 2،2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. وائيلڊرمٿ 1 شڪار ڪيو. جواب ۾ آسٽريليا گهربل هدف دلچسپ مقابلي بعد 5 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر اوورن کان هڪ بال پهرين حاصل ڪري ورتو. جيڪسويل 56 ۽ ٽريوس هيڊ 48 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪپتان فنچ ٻيهر ناڪام فقط 3 رنسن تي پويلين روانو ٿي ويو. مرزاياني 3 ۽ مسڪدزا ۽ ترينپو 1-1 شڪار ڪيو. اينڊريو ٽاءِ کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں