ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي: پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 20 آڪٽوبر تي مهاڏو اٽڪائينديون

0Shares

لاهور (اسپورٽس نيوز) ايشن هاڪي چيمئنز ٽرافي جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 20 آڪٽوبر تان مهاڏو اٽڪائينديون ايف آءِ ايڇ چيمپئنز ٽرافي جي ڪامياب انعقاد بعد ايشن هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جو به اعلان ڪيو ويوايشيائي ايونٽ 18 آڪٽوبر کان 28 اڪٽوبر تائين اومان جي گادي واري شهر مسقط جي سلطان قابوس اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندوايونٽ ۾ دفائي چيمپين ڀارت سميت ملائيشيا، پاڪستان ڏکڻ ڪوريا، جاپان ۽ اومان جون ٽيمون شريڪ ٿي رهيون آهن، ايشين چيمپئنز ٽرافي ۾ شريڪ ٽيمن ۾ ڀارت عالمي رينڪنگ ۾ 6 هين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته ملائيشيا 12 هين، پاڪستان 13 هين ڏکڻ ڪوريا 14، جاپان 16 هين نمبر تي اومان جي ٽيم 32 هين پوزيشن تي موجود آهي ايشين هاڪي فيڊريشن پاران جاري ڪيل شيڊيول مطابق ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ 18 ٽيمن ۾ 18 کان 25 آڪٽوبر تائين رائونڊ ۾ 5-5 ميچون کيڏيون وينديون 4 ٽيمن وچ ۾ سيمي فائنل تائين ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهنديون

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں