فيفا ورلڊ ڪپ: فرانس پهرين ڪوارٽر فائينل ۾ يورو گوئي کي 0-2 تان شڪست ڏئي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

ماسڪو(اسپورٽس نيوز) فرانس فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائينل ۾ يوروگوئي کي 0-2 تان شڪست ڏئي 12 سالن بعد عالمي ڪپ جي سيمي فائينل ۾ پهچڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورت. روس جي شهر نزني نووگورڊ ۾ کيڏيل ايونٽ جي پهرين ڪوارٽر فائينل ۾ 1998ع ورلڊ ڪپ کٽڻ واري فرانس ۽ ٻه دفعا اڳوني عالمي چيمپيئن يوروگوئي جون ٽيمون مدمقابل هيون. ميچ شروع ٿيندي ئي ٻنهي ٽيمن هڪ ٻئي خلاف جارحاڻي راند ڪئي ۽ گول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هاف ٽائيم جي شروعات ۾ ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي. فرانس جي ٽيم کي 40 هين منٽ ۾ رافيل ويرين گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري. يوروگوئي ميچ برابر ڪرائڻ لاءِ شاندار راند کيڏي پر مقصد حاصل نه ڪري سگهي. فرانس 61 هين منٽ ۾ انٽون گرزمان جي گول جي بدولت پوزيشن مستحڪم ڪري ورتي. يوروگوئي سخت مقابلي باوجود خسارو گهٽ نه ڪري سگهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں