ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سلطان سلمان خان مٿان هڪ بزرگ جوڙي الزام لڳايو آهي ته سلمان خان ۽ سندس خاندان کين لاڳيتو پريشان ۽ ذهني تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ممبئي جي علائقي پنويل ۾ سلمان خان جو فارم هائوس آهي، ان ئي فارم هائوس ۾ ڪيتن ڪڪڙ نالي شخص جي پڻ زمين آهي، جيڪو 3 ورهيه اڳ آمريڪا مان واپس موٽي آيو آهي، ڪيتن ڪڪڙ جو چوڻ آهي ته هن اها زمين 1996 ۾ خريد ڪئي، زمين جي خريداري دوران سلمان خان جي والد سليم خان کان به سندس رضامندي حاصل ڪئي. ڪيتن ڪڪڙ جو چوڻ آهي ته جڏهن به هن جو آمريڪا کان ڀارت اچڻ ٿيندو هو ته هو پنهنجي زمين جو چڪر پڻ لڳائيندو هو. پاڙيسڙي هئڻ ڪري سلمان خان طرفان ساڻن سدائين سٺو سلوڪ ڪيو ويندو هو پر جڏهن کان هو مستقل طور تي ڀارت آيو آهي ۽ هو پنهنجي زمين تي گهر ٺاهڻ چاهي ٿو ته سلمان خان بلڪل بدلجي ويو آهي ۽ سندن طرفان لاڳيتو پريشان ڪيو پيو وڃي. هاڻ صورتحال اها آهي جو زمين جو مالڪ هئڻ بوجود گهر نٿو ٺاهي سهگان. ڪيتن ڪڪڙ وڌيڪ چيو ته سلمان خان پنهنجي فارم هائوس جي ٻاهران اهڙي نموني دروازو لڳايو آهي جو سندم زمين تي وڃڻ لاءِ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته مقامي انتظاميا جي هڪ آفيسر سلمان خان جي خلاف سندس مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جي به بدلي ڪرائي وئي. پنيول ۾ سلمان خان جي گهوڙن لاءِ پڻ بجلي آهي ۽ اسان جي زمين لاءِ بجلي ناهي ملي رهي. ان سلسلي ۾ مهارشٽرا جنگلات واري وزير سان پڻ رابطو ڪيو آهي، هن پهريان مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريون پر بعد ۾ هو به سلمان خان سان گڏ پارٽي ڪندي ڏٺو ويو. ڪڪڙ فيملي جي وڪيل آڀا سين جو چوڻ آهي ته سلمان خان جي فيملي تمام گهڻو اثر رکندڙ آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهن جي ڪٿي به ٻڌڻي ناهي ٿي رهي. ياد رهي ته سلمان خان اڄ ڪلهه پنهنجي فلم، دبنگ، رد لوڊڊ جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ آمريڪا ۾ موجود آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟