رنبير ڪپور جي فلم سنجو 200 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل

ممبئي ( شوبز نيوز) بالي ووڊ جي کل نائيڪ سنجي دت جي زندگي تي ٺهيل فلم سنجو 200 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي وئي آهي.  رنبير ڪپور جي فلم سنجو باڪس آفيس تي ڇانيل آهي ۽ رڳو ستن ڏينهن اندر ئي 200 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي وئي آهي. فلم خميس ڏهاڙي به 16 ڪروڙ 10 لک رپين جو ڪاروبار ڪيو. هدايتڪار راج ڪمار هيراڻي جي فلم سنجو ۾ منيشا ڪوئرالا، پارويش راول، ديا مرزا، سونم ڪپور ۽ انوشڪا شرما به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. فلمي پنڊن جي چوڻ آهي ته فلم 300 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿيندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں