انيل ڪپور، ايشوريا راءِ ۽ راج ڪمار رائو جي فلم فني خان جو ٽريلر جاري

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار انيل ڪپور، اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ ۽ راج ڪمار رائو جي فلم” فني خان“ جو پهريون ٽريلر ريليز ڪيو ويو ، جنهن جي ڪهاڻي انتهائي دلچسپ نظر اچي رهي آهي.  انيل ڪپور فلم جي ٽريلر کي پنهنجي ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي، ان ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته هڪ پي راز ۽ ٻيو فني خان جو انداز، ڇا ٿيندا ان جا خواب پورا؟ 2منٽن 41 سيڪنڊن تي ٻڌل ان ٽريلر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته انيل ڪپور راڳي ٿيڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ٽيڪسي هلائيندو آهي، هو پنهنجي ڌيءَ جو نالو لتا رکندو آهي، جنهن جي خواهش آهي ته هو ڳائڻي ٿئي، پر پنهنجي ٿلهه سبب کائنس ماڻهن جي تنقيد ۽ چرچن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.ڌيءَ کي ڳائڻي بڻائڻ جي جدوجهد ۾ انيل ڪپور ڪامياب پاپ اسٽار (ايشوريا راءِ) کي پنهنجي دوست(راج ڪمار رائو) سان گڏجي اغوا ڪندو آهي. پر بعد ۾ ايشوريا راءِ ۽ راج ڪمار رائو هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳندا آهن. هاڻ اڳتي ڇا ٿيندو ڇا انيل ڪپور پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل  ڪري سگهندو، اهو ڄاڻڻ لاءِ فلم جي ريليز ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں