اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت جي جج اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 10 سال، ان جي ڌيءُ مريم نواز کي 7 سال ۽ محمد صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.احتساب عدالت نواز شريف تي 80 لک پائونڊ ۽ مريم نواز تي 20 لک پائونڊ ڏنڊ پڻ مڙهيو آهي، جڏهن ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو پڻ حڪم ڏنو. مريم نواز کي ڪوڙا دستاويز جمع ڪرائڻ تي به هڪ سال قيد جي سزا ملندي. ن ليگ اڳواڻ مريم نواز لاهور جي تڪ اين اي 127 ۽ پي پي 137، جڏهن ته ڪيپٽن (ر) صفدر اين اي 14 مانسهرا کان اميدوار هو، جيڪي هاڻي چونڊ وڙهڻ جي اهل ناهن رهيا. نيب پراسيڪيوٽر مطابق جوابدارن کي سزا ڏيڻ بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو تهحسين نواز ۽ حسن نواز عدالت ۾ پيش نه ٿيا، ان بابت سزا ناهي ٻڌائي وئي. جڏهن ته ٻين جوابدارن کي مليل قيد جي سزا ۾ سخت پورهيو به شامل آهي. سندس چوڻ هو ته نيب آرڊيننس ۾ سزا خلاف اپيل داخل ڪرائڻ لاءِ 10 ڏينهن رکيا ويا آهن، انڪري جوابدارن کي سزا خلاف 10 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪرڻ جو حق آهي. احتساب عدالت جي جج اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي عدالت جي بند ڪمري ۾ ڪئي، فيصلو ٻڌڻ لاءِ ڌرين جا وڪيل پڻ بند ڪمري ۾ موجود هئا. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جوابدار ڄاڻايل اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز لنڊن ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي عيادت ۾ مصروف هجڻ ڪري پيش نه ٿيا، جڏهن ته ڪيپٽن (ر) صفدر مانسهرا ۾ موجود هجڻ ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير 9 مهينا 20 ڏينهن تائين ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ 3 جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. ان دوران مجموعي 18 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، انهن شاهدن ۾ پاناما جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ به شامل هو. فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت ٻاهريان سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. اسلام آباد ۾ 144 قلم لاڳو ڪيو آهي، جڏهن ته احتساب عدالت ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا هئا. واضح رهي ته عدالت پاران فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ عدالت ان فيصلي کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ نواز شريف ۽ مريم نواز پاران داخل اپيل کي پڻ رد ڪري ڇڏيو هو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته مريم نواز ڪوڙا دستاويز جمع ڪرايا ۽ جرم ۾ نواز شريف جي معاونت ڪئي، لنڊن فليٽ 1993ع کان نواز شريف جي ملڪيت آهن، نواز شريف 1993ع کان لنڊن فليٽن ۾ رهيو مريم نواز به ان جي رفالت هيٺ رهي 100 صحفن تي ٻڌل عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ انهن جا دائمي وارنٽ جاري ڪيا وڃن ٿا عدالت نواز شريف کي 10 سال قيد ۽ 8 ملين پائونڊ يني هڪ ارب 33 ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي مريم نواز کي 7 سال قيد ۽ 2 ملين پائونڊ يعني 33 ڪروڙ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڪئپٽن صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي عدالتي فيصلي کانپوءِ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر 10 سال چونڊ وڙهي نه سگهندا نواز شريف کي شيڊول ٽو تحت هڪ سال اضافي سزا ڏني وئي نواز شريف جون ٻيئي سزائون هڪ ئي وقت شروع ٿينديون مريم نواز مجموعي طور 8 سال سزا ڀوڳيندي جاچ ايجنسي سان تعاون نه ڪرڻ تي نواز شريف ۽ مريم نواز کي وڌيڪ هڪ هڪ سال سزا ٻڌائي وئي عدلت مريم نواز شريف ٽرسٽ ڊيڊ جعلي قرار ڏني ڪئپٽن صفدر گواهه طور ٽرسٽ ڊيڊ تي صحيحون ڪيون نواز شريف ۽ مريم نواز کي نيب آرڊيسنس جي سيڪشن 9 اي 5 تحت سزا ٻڌائي وئي اهي پراسيڪيوشن پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي جوابدارن کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ بي نامي ملڪيت ۽ سزا ٻڌائي وئي مريم نواز والد جا اثاثا لڪائڻ ۾ مدد ڪئي عدالتي فيصلي موجب جوابدار 10 سالن تائين ڪوبه عوامي عهدو رکي نه سگهندا ڪنهن به بئنڪ ڪان مالي فائدو وٺي نه سگهندا نواز شريف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا ۽ آمدني جا اثاثا ٻڌائڻ ۾ ناڪام ويو.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟