ن ليگ احتساب عدالت جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، نواز شريف جو فوري طور وطن واپس اچڻ جو اعلان

لنڊن/لاهور م ڊ + بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف وطن واپسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان سازش ۾ ڪهڙا ماڻهو شريڪ آهن؟ مون پنهنجي ۽ پنهنجي ڌيءَ لاءِ ناهي سوچيو احتساب ۽ سپريم ڪورٽ فيصلا نه پر منهنجي هر خلاف سازش ڪئي وئي جنهن جو ڪو به مثال ناهي.  مون پنهنجي خلاف غداري جا فيصلا به ٻڌا جڏهن ته ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي تشدد به برداشت ڪيو.  لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته ميڊيا کي جبرن خاموش ڪرايو ويندو آهي ۽ چينلن بند ڪرايا ويندا آهن، اخبارن کي عوام تائين پهچڻ کان زبرستي روڪيو ويندو آهي ۽ صحافين تي ظلم ڪيو ويندو ۽ تشدد ڪيو ويندو آهي.  اهڙي جدوجهد ۾ ڪنهن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويندو آهي؟ جنهن جدوجهد جو آغاز ڪيو ان ۾ اهڙا فيصلا ۽ سزائون ملنديون آهن. مون پنهنجي خلاف غداري جا فتويٰ به ٻڌا، هڪ عام شخص کي سينيٽ جو چيئرمين ٻنايو ويو. هن چيو ته اها سزا ڪرپشن تي ناهي ڏني وئي، فيصلي ۾ لکيل آهي ته فرديادي تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ثابت ناهي ٿيو.  اها سزا ڪرپشن تي نه، سرڪاري ناڻي ۾ ڦيرڦار ۽ ڦرلٽ تي نه پر اها سزا پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ جو منهن موٽڙڻ جي ڏوهه ۾ ڏني وئي آهي. سپريم ڪوريٽ ۽ نيب چار سزائون ڏيڻ بعد به اڄوڪي ۾ فيصلو اِهو ناهي ٻڌايو ويو ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ۽ ڪهڙي چوري ڪئي ڪڏهن ڪئي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي آهي اهي سزائون منهنجي جدوجهد جون رستو نه روڪينديون.  آئون پنهنجي اها جدوجهد ان وقت تائين جاري رکندس جيستائين هن  ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستاني ان خوف جي زنجير کان آزاد نٿا ٿين جنهن ۾ حق جي ڳالهه چوڻ تي کين جڪڙيو ويندو آهي، جيستائين هن ملڪ ۾ رهندڙن کي غلامي کان آزادي  نٿي ملي جنهن ۾ چند جج ۽ چند ٻيا ماڻهو هن قوم تي مڙهيندا آهن ۽ جيستائين هن ملڪ ۾ ووٽ کي عزت نٿي ملي ۽ جيستائين عوام کي سندس حق حڪمراني نٿي ملي ايستائين منهنجي جدوجهد جاري رهندي، اسان انگريزين جي زماني کان آزادي کان پوءِ مٺ جيترن ماڻهن جا غلام بڻجون، اهڙي ماڻهن جي غلامي جيڪي آئين ۽ قانون جو حلف کڻي ساڻس غداري ڪندا آهن، ته اڄوڪو اهو فيصلو منهنجي جدوجهد جو حصو آهي، پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ ڏسي رهيو آهيان.  جنهن تيزي سان اهو ڪيس هلي رهيو آهي ڪاش اهڙي رفتار سان ملڪ آئين ۽ قانون ٽوڙڻ وارن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ها.  اهو فيصلو منهنجي جهدوجهد جو فيصلو آهي آئون ان جدوجهد جي تسلسل لاءِ پاڪستان واپس اچي رهيو آهيان، آئون جيل ۾ به جدوجهد تي جاري رکندس، عوام ۽ پاڪستان منهنجو ساٿ ڏئي. هن چيو ته مون ايندڙ نسلن جي آزادي ۽ غيرت ۽ خودداري سان جيئڻ جو جهنڊو کنيو آهي عوام منهنجو ساٿ ڏئي ۽ مون سان گڏ هلي. 25 جولاءِ تي ووٽ جي ذريعي انهن زنجيرن کي ٽوڙيو آئون توهان جو منتظر آهيان، آئون ن ليگ جي هر ورڪر ۽ اميدوار جي جذبي جي قدر ڪيان ٿو ۽ عوام کي سلام پيش ڪيان ٿو  جنهن منهنجو ساٿ ڏنو ۽ بدترين حالتن کي منهن ڏنو.  بدترين جبر جي باوجود ن ليگ سمورين پارٽين کان اڳتي آهي ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿينداسين. عوام ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو  جيڪو سفر شروع ڪيو آهي ان ۾ ساٿ لاءِ اچي رهيو آهيان، ان جي قيمت جيل يا موت آهي ته آئون اچي چڪائندس، ووٽ  چوري ڪندڙ ۽ توهان جي خوشهالي ۽ ترقي تي ڌاڙو هڻن کي روڪڻ لاءِ اچي رهيو آهيان.ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته احتساب عدالت جو فيصلو انصاف جو خون ۽ ظلم، زيادتي ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهي ۽ جمهوري اصولن، قانوني تقاضن ۽ بنيادي انساني حقن جي ابتڙ آهي. مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستاني عوام اهڙي فيصلي کي رد ٿو ڪري. فيصلو سياسي، قانوني طور ناقص ۽ چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي. تاريخ ۾ هن فيصلي کي هميشه ڪارن اکرن سان ياد رکيو ويندو. هڪ شخص جنهن جي گهرواري زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي، ان جو به خيال نه رکيو ويو، ڇا اهو انصاف ۽ انسانيت آهي؟ اسان اهڙي فيصلي جي خلاف آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪنداسين. مسلم ليگ (ن) جا اميدوار چونڊ جلسن ۾ پرامن احتجاج ڪري عوام کي ٻڌائين ته هي فيصلو تضادن تي ٻڌل آهي. احتساب عدالت جي فيصلي کان پوءِ پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ مسلم ليگ (ن) اڳواڻ مشاهد حسين سيد، خواجه سعد رفيق، حمزه شهباز، مريم اورنگزيب، سردار اياز صادق، پرويز ملڪ ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته انصاف جي حاصلات ۾ سخت خدشن ۽ پنهنجي گهرواري جي شديد عليل هجڻ باوجود نواز شريف پنهنجي نياڻي سان گڏ هن ڪيس ۾ 19 آڪٽوبر 2017ع کان احتساب عدالت ۾ 109 ڀيرا پيش ٿيو، ان جو مثال ملڪي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، اڳ ۾ هي ڪيس سپريم ڪورٽ جي ٽن بينچن ٻڌو ۽ جي آءِ ٽي 10 جلدن تي ٻڌل رپورٽ تيار ڪئي پرسڄي ڪيس دوران ڪو به قانوني دستاويز مهيا نه ڪيو ويو، نواز شريف جو نالو پاناما پيپرز ۾ نه هو ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪي ثبوت پيش ڪيا ويا ته هو ايون فيلڊ اپارٽمنٽس يا آفشور ڪمپنين جو مالڪ آهي. اڄ نيب ڪورٽ ته پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ليڪن 25 جولاءِ تي عوامي عدالت انشاءَالله نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ڏئي کيس سرخرو ڪندو. اسان پنهنجو فيصلو عوام جي عدالت ۽ الله جي عدالت ۾ پيش ڪريون ٿا جتان کان انشاءَالله انصاف ملندو. ميان شهباز شريف چيو ته هڪ پاسي اها ناانصافي تي ٻڌل فيصلو آهي جڏهن ته ٻئي طرف هڪ سياسي شخصيت جي حوالي سان نيب ڪورٽ اهڙو فيصلو ڏنو آهي جنهن ۾ اصل ڊاڪيومينٽ پيش ناهن ڪيا ويا صرف فوٽو ڪاپيون پيش ڪيون ويون آهن ۽ ان سياسي شخصيت کي نيب رليف ڏنو. شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ انصاف جو قتل ڪهڙي ريت ٿي رهيو آهي ان حوالي سان مان عوام اڳيان مثال پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. ميان شهباز شريف جو چوڻ هو ته 2010ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ نيب کي خط لکيو ته هو چنيوٽ جي معدني وسيلن جي فراڊ ۾ ملوث ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري ليڪن اڄ 8 سال گذرڻ باوجود 450 ارب روپيا هڙپ ڪندڙن کي نيب ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي. شهباز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس رحمت علي جعفري ننديپور جي حوالي سان فيصلي ۾ لکيو ته بابر اعواڻ سڌي سنئون ذميوار آهي ليڪن نيب ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. هن چيو ته اربين روپين جي فراڊ ڪيس سالن کان نيب وٽ پيا آهن ليڪن ڪنهن جي به خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. شهباز شريف چيو ته هڪ عدالت 25 جولاءِ تي لڳڻ واري آهي ۽ عوام جو فيصلو کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ڪري ڇڏيندو. اهوفيصلو نيب جي مقابلي ۾ وڏي آواز گونجندو. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ (ن) جا اميدوار ۽ ڪارڪن نه گهٻرائن، مان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي عوام کي هن ناانصافي بابت ٻڌائيندس. 25 جولاءِ تي هر شهري نواز شريف سان سچائي جي حوالي سان پنهنجي مهر هڻي گواهي ڏيندو. هن چيو ته سڀ کان وڏي عدالت الله تعاليٰ جي آهي اتي به فيصلو ٿيندو ته ڪنهن قوم جي خدمت ڪئي ۽ ڪنهن قوم جا اربين روپيا هڙپ ڪيا. شهباز شريف جو چوڻ هو ته نواز شريف هن ڌرتي جو فرزند ۽ جديد پاڪستان جو باني آهي، اهو اهڙي ورتاءَ جو حقدار ناهي. نواز شريف نه رڳو سموري عالمي دٻاءَ ۽ اربين ڊالرن جي آڇ رد ڪندي پاڪستان جي قومي سلامتي کي ايٽمي ڌماڪا ڪري ناقابل تسخير بڻايو بلڪه 5 جولاءِ 2017ع تي سي پيڪ جو تحفو ڏئي معاشي ڌماڪو ڪيو. نواز شريف هميشه جبر ۽ دٻاءُ جو مقابلو حوصلي ۽ کليل سيني سان ڪيو. ميان شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ (ن) جي صدر جي حيثيت ۾ آئون پاڪستاني عوام، ڪارڪنن ۽ اميدوارن کي پيغام ڏيڻ ٿو چاهيان ته مايوس نه ٿيو، الله جي رحمت هر حال ۾ موجود آهي، اسان محنت سان هڪ ملڪ ٺاهيو آهي، اڄ ڪو بدترين مخالف به اهڙو الزام نه ٿو لڳائي سگهي ته 2013ع ۾ ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ميان شهباز شريف جو چوڻ هو ته اسان هر صورت ۾ چونڊون وڙهنداسين، اسان کي نه حڪومت جي خواهش آهي ۽ نه ئي اقتدار جي لالچ، صرف هڪ ئي خواهش آهي ته ملڪ جو وقار عالمي طور تي بحال رهي، ان جي پاسپورٽ جي عزت ٿئي. سندس چوڻ هو ته هڪ سياسي پارٽي طرفان اسان خلاف پروپيگنڊا تي ٻڌل پوسٽر ڇپايا ويا آهن، ڇا اليڪشن ڪميشن ايئن ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿي؟ خدارا ملڪ ۾ نفرت جي باهه نه لڳايو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته مان عوام وٽ ويندس، هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ وڃي عوام کي مسلم ليگ (ن) سان ٿيل زيادتين کان آگاهه ڪندس

اپنا تبصرہ بھیجیں