نواز شريف ۽ مريم نواز جي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد

0Shares

 اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي ڌيءُ مريم نواز پاران ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ڪجهه ڏينهن ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي وئي. صبح 9 وڳي 40 منٽن تي ٻڌڻي شروع ٿي ته نواز شريف جي گهر واري ڪلثوم نواز جي تازي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته ڪلثوم نواز جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ڊاڪٽرن مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪ ڪٽنب جو ان سان گڏ هجڻ ضروري آهي، انڪري فيصلي کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي. نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي فيصلو ملتوي ڪرڻ واري درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪئي هئي. جنهن کانپوءِ عدالت نواز شريف ۽ مريم نواز جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو اڄ ساڍي 12 وڳي ٻڌائيندي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں