ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ

0Shares

ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ

گل مورو:

چونڊ واري موسم ۾ جيڪي چونڊون ملڪ اندر هن وقت ٿي رهيون آهن ان حوالي سان کوڙ ساريون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ملڪ اندر هن چونڊن جي ٿيڻ کان پوءِ به جيڪو بحران نظر اچي پيو اهو بحران انتهائي سنگين ٿي سگهي ٿو ان ڪري جو هن وقت کان ئي پ پ توڙي ن ليگ کان وٺي ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون چونڊن بابت تحفظات جو اظهار ڪري رهيون آهن ته ملڪ اندر چونڊون جيڪڏهن صاف شفاف نه ٿيون ته اڃا به وڌيڪ بحران ٿي سگهي ٿو. هن وقت سڄي ملڪ جي عوام جون نظرون ميان نوازشريف ۽ سندس خاندان متعلق 6 جولاءِ تي ايون فيلڊ ريفرنس واري فيصلي تي کٿل آهن ته هن فيصلي تحت نوازشريف ۽ سندس خاندان جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آهي ان حوالي سان هن وقت کان ئي بحث مباحثو شروع ٿي چڪو آهي ته جيڪڏهن هن فيصلي تحت ميان نوازشريف کي جيل يا ريل حوالي ڪيو وڃي ٿو ته ان کان پوءِ چونڊون ڪهڙو رخ اختيار ڪنديون ۽ سياسي حالتون ڪيڏانهن وينديون. اهو ان ڪري جو ميان نوازشريف لنڊن ۾ بار بار اهي دانهون ڪندي چئي رهيو آهي ته ن ليگ واري شينهن جي نشان کي مٽائڻ لاءِ هاڻ کان ئي سازشون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ ان جي جاءِ تي اوچتو هر پارٽي مان ماڻهن کي لاهي جيپ تي سوار ڪيو پيو وڃي ان مان واضح ٿئي ٿو ته جيپ هن ڀيري سائيڪل جيان ڊوڙندي نظر اچي پئي. اهو ئي سبب آهي جو وڏي تعداد ۾ پنجاب اندر آزاد اميدوارن بيهڻ شروع ڪري ڇڏيو ايتري قدر جو ن ليگ کان وٺي پ پ، قائد ليگ ۽ ٻين پارٽين جي اميدوارن جن کي ٽڪيٽون پارٽين پاران مليل هيون اهي ٽڪيٽون پارٽين کي واپس ڪري هن وقت تائين وڏي تعداد ۾ جيپ تي سوار ٿي چڪا آهن ان جيپ بابت ميان نوازشريف بار بار چئي رهيو آهي ته هي جيپ خلائي مخلوق جي جوڙيل آهي جنهن ۾ سڀني پارٽين جي ٽڪيٽ هولڊرن کي دٻاءُ تحت کانئن ٽڪيٽون واپس ڪرائي جيپ تي سوار ڪرايو پيو وڃي. پر اصل مسئلو اهو به آهي ته هن 6 جولاءِ واري فيصلي اچڻ کان اڳي يا پوءِ يعني ته چونڊ مهم دوران ميان نوازشريف ۽ مريم نواز پاڪستان اچن ٿا يا نه ان حوالي سان سموري سياسي صورتحال واضح ٿي ويندي ته ايندڙ وقت جيپ جو ڊرائيور ڪير هوندو. هن سڄي منظر نامي ۾ تجزئي نگارن جو اهو چوڻ آهي ته نوازشريف جي خلاف ڀلاري ڏينهن جمعي تي جيڪي به فيصلا آيا آهن اهي گهڻي ڀاڱي سندس ڳچيءَ ۾ ئي پيا آهن سو هن ڀيري به ڀلاري ڏينهن جمعي جي چونڊ ڪئي وئي آهي ۽ ڏسجي تي هن جمعي تي ميان نوازشريف کي ڪهڙي سزا ملي ٿي ۽ ڇنڇر تي ميان واپس اچي ٿو يا نه. سڀني کي ياد هوندو ته جڏهن آءِ جي آءِ جوڙيو ويو هو ته ان وقت چونڊن جي پولنگن وارو ڏينهن جمعو ڇنڇر رکيو ويو هو ۽ ان ڏهاڙي هر ماڻهوءَ جي زبان تي اهي لفظ هيا ته جمعو ڇنڇر سائيڪل پنچر. سو ڏسجي ته هن ڀيري جديد شيدو مستريءَ جيڪا جيپ جوڙي آهي ان جو ٽائر پنچر ٿين ٿا يا مصنوعي شينهن پڃري ۾ بند ٿئي ٿو. ڇو ته امڪان هن وقت تائين اهي نظر اچن پيا ته هن ڀيري جيپ جي پويان شينهن جي نڪ ۾ ناڪيلي هڻي رائيونڊ واري روڊ کان گهلي لاهور جي لڪي سرڪس تي کيس گهمايو ويندو. هونئن به ڏٺو وڃي ته پاڪستان اندر ماضي ۾ لڪي ايراني سرڪس ڏاڍو مشهور هوندو هو ۽ انهيءَ سرڪس ۾ ڪنهن نه ڪنهن شينهن کي آڻي ماڻهن کي درشن ڪرايو ويندو هو پر جڏهن کان ملڪ نيم جمهوري ۽ جمهوري قوتن جي آشيرواد سان مشرفي معجون جوڙي وئي ته ان ڏينهن کان خلائي مخلوق اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ هن ملڪ ۾ لڪي ايراني سرڪس جي بدران موت جي کوهه ۾ هلندڙ سائيڪل جي جاءِ تي جيپ کي آندو ويندو ۽ اها جيپ شيدو مستريءَ جڏهن پنڊي جي پُتر سان گڏجي ٺاهڻ شروع ڪئي ته ان ڏينهن کان چڪري جي چوڌري کي ميدان تي لاٿو ويو ته هن ڀيري جيپ جو ڊرائيور تون ئي هوندي ته ان مان واضح ٿئي ٿو ته جيڪي وڏي پئماني سان پنجاب اندر يا ٻين صوبن اندر واندي مخلوق گڏائي ڪري آزاد ميمبرن جي صورت ۾ يا جيب جي نشان تي آندا ويا آهن انهن کي گڏائي ڪري مخلوقي مرڪزي ۾ مخلوطي حڪومت جوڙڻ جون تياريون هاڻي کان ئي شروع ٿي چڪيون آهن جنهن بابت ميان شهباز شريف کان وٺي ٻيو سياسي ڌريون پڻ ڳالهيون ڪري رهيون آهن ۽ ايتري قدر جو شينهن جو شڪاري آصف علي زرداري به پنهنجي انٽرويو دوران اهو اشارو ڏئي چڪو آهي ته هن ڀيري ان مخلوطي مرڪز کي جوڙڻ لاءِ اسان جي ضرورت پوندي ۽ اسان سان ئي هنن کي ڳالهائڻو پوندو سو ڏٺو وڃي ته هي موجوده چونڊون جيڪي ٿي ته جماعتي بنيادن تي رهيون آهن پر ان جو سڄي ملڪ اندر منظر نامون ڏٺو وڃي ته هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن جيڪي ايڪشن کڻي رهي آهي ته ڪنهن به پارٽي جو نه ڪنهن شهر ۾ جهنڊو هجي نه بينر هجي نه وري ڪو لائوڊ اسپيڪر تي تقرير ڪري سو ان مان ماضي جي جنرل ضياءَ واري 85ع واري چونڊن جو عڪس نظر اچي ٿو جيڪي غير جماعتي بنيادن تي ڪرايون ويون هيون ۽ سياسي پارٽين مٿان هر سياسي عمل تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن جمهوريت جي حوالي سان هي چونڊون ٿي رهيون آهن ته پوءِ غير جمهوري عمل ڇو ٿي رهيا آهن اهي سوال پڻ هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ موجود آهن ته سياسي پارٽين کي جهڙي ريت هن وقت ٻڌي کنڀي قيد ڪري ميدان تي لاٿو ويو آهي اهڙيون چونڊون شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻه ڀيرا ٿيون هيون. هڪ ڀيرو جنرل ايوب جي دور ۾ بي ڊي ميمبرن جي صورت ۾ ٻيو ڀيرو جنرل ضياءَ جي مجلس شورائي محبت ۾ ٿيون هيون پر هن وقت ڏٺو وڃي ته کوڙ سارا سياسي ڌرين جا اڳواڻ اڳي ئي نااهل ٿي چڪا آهن جهڙي ريت قائد ليگ جي سائيڪل ماضي ۾ چوڌري شجاعت جي حوالي ڪئي وئي هئي پوءِ اها اڳتي هلي رائيونڊ جي راڻي کي تحفي طور نصيب ٿي سو سنڌ ۾ موجوده جي ڊي اي جو جڙڻ ۽ بلوچستان اندر بلوچستان عوامي پارٽي ۽ سرحد اندر متحده مجلس عمل جو جڙڻ ان ڳالهه جو واضح اشارو آهي ته هن ڀيري چونڊي چونڊي انهن ماڻهن کي آندو ويندو جيڪي خلائي مخلوق جي سفر ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندا پئي آيا آهن پر هن ميان نوازشريف جي مستقبل جي حوالي سان جيڪو فيصلو ايون فيلڊ ريفرنس محفوظ ٿي چڪو آهي ڏسڻو اهو آهي ته ان فيصلي کان پوءِ ن ليگ ۽ نوازشريف جي خاندان جو مستقبل ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿو. هنن حالتن ۾ ميان نوازشريف جيڪڏهن پنهنجي پارٽي کي بچائڻ لاءِ پاڪستان جو رخ نه ٿو ڪري ته ان مان اهو واضح اشارو هوندو ته هاڻ ن ليگ جي جاءِ تي شيدو مستريءَ جي تيار ڪيل جيپ جو ڪڻو نڪري چڪو آهي. پر هن چونڊن جي حوالي سان نيڪٽا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اليڪشن ۾ چونڊ مهم دوران دهشتگردي جو وڏي ۾ وڏو خطرو آهي 18 سياستدان دهشتگردن جي نشاني تي آهن ۽ انهن 18 سياستدانن کي اڳواٽ ئي آگاهه ڪيو ويو آهي ته پنهنجي چرپر ۽ اچڻ وڃڻ وارا روڊ رستا محفوظ بڻائي پوءِ ئي پنهنجي گهران نڪرن. سو هن سڄي عمل مان اهو واضح اشارو نظر اچي پيو ته 2018 واريون چونڊون ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهن ٿيون يا نه اهو فيصلو هن چونڊن دوران ئي ٿيڻو آهي ۽ هن چونڊن کان پوءِ ملڪ اندر تبديلي اچي ٿي يا نه ڇو ته تبديلي آڻيندڙن جي لڏي ۾ پ پ توڙي ليگي ۽ ٻين پارٽين مان جيڪي ميمبر ٽوڙي مروڙي شامل ڪرايا ويا آهن يا اڃا تائين ڪرايا پيا وڃن اهي ڪهڙي تبديلي آڻيندا جن هميشهه غير جمهوري دورن ۾ آمريتي قوتن سان گڏجي ڪري جمهوريت جي ڪک ۾ خنجر هڻڻ ۾ مصروف عمل رهيا آهن. سو ڏسجي ته هن جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي رائيونڊ جي راڻن سان ڀلائي ٿئي ٿي يا نه؟؟

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں