خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان

0Shares

پاڪستان ۾ سياسي  دنگل ، زور آزمائي آخري مرحلي  ۾ شامل ٿي چڪي آهي هر پارٽي قيادت پنهنجي پنهنجي اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ لاء نهن چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن جنهن کان پوء اليڪشن ورڪ سان گڏ تاريخي جلسه ڪري پڻ پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاء پارٽي ڪارڪنن همدردن کي ساڻ گڏ ڪري اعلي قيادت پرتباڪ خطاب ڪري رهيا آهن انهي سلسلي ۾ پي ٽي آئي چيئرمين جناب عمران خان ، چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي جناب بلاول ڀٽو زرداري ، پاڪستان مسلم ليگ ن جي شهباز شريف ايم ايم اي جي سراج الحق سميت ٻيون ننڊيون وڏيون سياسي پارٽيون پڻ عوام کي پنهنجي ويجهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن پاڪستان اندر ته هونء ڪافي بي چيني محسوس ڪئي پئي وڃين ، هر سياسي پارٽي پٿر هٿن ۾ کڻي هڪ ٻئي کي هڻن لاء تيار آهن هڪ ٻئي مٿان پڻ ڇڏي تنقيد ڪري هو پنهنجي مخالف پارٽي کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن حقيقت ڪجهه ان جي ابتر آهي جنهن جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري آهي ، هي اليڪشن 2018 انتهائي مختلف ان ڪري ثابت ٿيندي جو عمران خان سميت  ڊاڪٽر طاهر القادري ، ۽ ٻين پارٽين پڻ نواز شريف جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاء جلسه ، ريليون ۽ ڌرڻا پڻ هنيا ويا پر پوء به پاڪستان مسلم ليگ ن پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو پاڪستان اندر جيڪڏهن گذريل جمهوري حڪومت تي نظر وجهجي ته ڪرپشن امن امان جي الزام هيٺ ئي حڪومت ختم ٿيل آهن جنهن کان پوء عوام جو انهن تي اعتماد گهٽ رهيو پر مان اهو چوندس ته عمران جي وڏي جدجهد هڪ ته ڪامياب ان ڪري ٿي آهي ، پاڪستان مسلم ليگ ن جي سابق صدر ۽ ملڪ پاڪستان تي ٽي مرتبه حڪومت ڪندڙ سابق وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي هڪ پيناماليڪس آف شور ڪمپني جي الزامات هيٺ سپريم ڪورٽ جي آئي ٽي ٽيم پاران ڪيل تحقيات ۽ پيش ڪيل رپورٽ تحت ان مٿان سپريم ڪورٽ اف پاڪستان تا حيات نااهل قرار ڏئي پابندي مڙهي وئي جنهن کان پوء اسان پهريون مرتبه اهو ٻڌو ته اسان جي پويان خلائي مخلوق آهي جنهن کان پوء جيڪو چڙي پيو اهو خلائي مخلوق جو نالو پيو کني ته اسان جي پويان انهن جو هٿ آهي جنهن کان پوء سڄي پاڪستان ۾ ان تي به بحث ٿيڻ شروع ٿيو ته خلائي مخلوق ڪير آهي برحال پاڪستان ۾ ڪو به ڪنهن مان راضي ناهي پر مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن خلائي مخلوق نه هجي ته هي پاڪستان ئي نه هجي ، جنهن طرح سان پاڪستان ۾ اسان جي سياستدانن جي ڪارڪردگي مشڪوڪ رهي آهي اهڙو مثال شايد ڪنهن ملڪ ۾ ملي ، ه ڇڏي ٻيو ماڻهون ڪرپٽ آهي اربين روپين جي ڪرپشن ڪرڻ جا اناهن مٿان الزامات عائد آهن ڪنهن اداري کي اها جرئت ناهي جو هن ۾ ڪو هٿ وجهي اها خلائي مخلوق ئي ته آهي جنهن کان هو سياستدان ڊڄن ٿا ، نه ته سچ اهو آهي ته هن پاڪستان جا ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏين ، پاڪستان کي آزاد ٿئي 70 سال ٿي گذريا ، پاڪستان جيڪڏهن ڪجهه حاصل ڪيو ته اهو زوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڪيو  جنهن کان پوء مارشالا جو به وڏو دور رهيو اهي جنهن ۾ هڪ ڳالهه ته ٿي ته غريب سان گهٽ ۾ گهٽ بي انصافي نه ٿيندي هئي باقي پاڪ فوج ٻين ته ته هڪ سبب هئي ، پاڪستان مٿان ظلم جا پهاڙ ڪرندا رهيا ، پاڪستان کي دهشتگردي جي ور چاڙهيو ويو جنهن تي هزارين بي گناهه ماڻهون شهيد ٿيا ، پر پاڪ فوج سابق جنرل راحيل شريف ۽ هن وقت جي جنرل قمرجاويد باجوه جي قيادت ۾ پاڪستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آندو ويو ، پر منهنجي ذاتي راء آهي ته اها سياستدانن کي شايد ڳالهه نه وڻين هجي تڏهن ته ڪافي عرصي کان وٺي پاڪ فوج لاء ڪئي ماڻهون سياستدان بد زبان استعمال ڪنندا رهيا ، جنهن جو پڻ پاڪ فوج نوٽيس ورتو ، پاڪستان جي بقا جو نالو پاڪ فوج ۽ عوام آهي ، باقي سياستدانن کي ته اها ڳڻتي آهي ته حڪومت کي ڪيرائي بس وزيراعظم جي ڪرسي مان هٿ ڪيان ٻيا سڀ انڌا آهن  الله اڪبر اسان جا سياستدان ڪيڏانهن پهتا آهن برحال هي پاڪستان وري به اڳتي وڌندو پيو وڃين هن وقت ته اسلامي ملڪن جي لحاظ کان پهريون نمبر ايٽمي قوت رکندڙ ملڪ آهي ، هي قوم ڊاڪٽر قدير خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي سٺي زندگي احسان مند رهندي ، مان ته اهو ڦيو محسوس ڪيان ته اليڪشن 2018 ۾ تمام سياستدان بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن هڪ ته سوشل ميڊيا کي ڪوڙو قرار پيا ڏين هو سوشل ميڊيا جي سامهون اچڻ کان ڪيٻائين ٿا ، جيئن راني پور ۾ قائم تاريخي انٽرنيشنل سوشل ميڊيا سينٽر ۾ ڪئي ناليوارا سياستدان جيڪي ضلعي خيرپور جي وڏن خاندانن سان تعلق رکن ٿا  ، اهي اچڻ کان لهرائين ٿا اهو ان ڪري جو عوام جي عدالت ۾ پيش ٿي عوام جي زهنن ۾ اڀرندڙ سوالن جا جواب ڏيڻ ضروري آهن  کي ته پاڻ وقت گهرن ٿا ، برحال منهنجي ذاتي راء آهي ته سياستدان خلائي مخلقو جي پاڇي کان به ڊڄن ٿا ان جا سبب به ڪيترائي آهن مان اهو چوندس ته جيڪڏهن انهن عوام جي ڪا خدمت ناهي ڪئي يا وري وري سدائين پنهنجي بچاء لاء رستا جوڙيندا ڳولهيندا رهن ٿا خلائي مخلق وٽ قانون ڪجهه مختلف آهي ، جيڪڏهن نواز شريف کي ڪا جيڪڏهن سزا ملي ته ان کان اڳ ئي هو چئي چڪا اهن ته سائين خلائي مخلوق جو هٿ آهي جيڪڏهن شهباز شريف کي نيب احتساب عدالت گهرائي ته اها به خلائي مخلوق جو هٿ آهي جيڪڏهن سنڌ جي ناليواري سياستدان سابق صوبائي وزير خوابن ڏسندڙن جي بي تاج بادشاه جناب منظور حسين وساڻ جو پي ايس 30 تي فارم رد ٿيو آهي ته ان پويان به خلائي مخلقو جو هٿ آهي ، پر هي منظور حسين وساڻ ، نواب خان وساڻ واحد  پاڪستان پيپلز پارٽي جاا ڳواڻ آهن جيڪي پنهنجي تڪ جي عوام جي وچ ۾ رهيا آهن اهو ئي سبب آهي جو عوام انهن پويان ائين آهي جيئن ڄڻ ڪي ديوانا هجن ، پروانه هجن اليڪشن 2018 ۾ ڀکي جي ڊي اي به هجي جنهن سان سدائين جيان مقابله سخت ٿيا آهن پر پوء به جيت پ پ پ منظور  حسين وساڻ جن جي ٿي آهي ، هاڻي هڪ عرض رکان ته سائين خلائي مخلوق کي کڻي عوام جي  سامهون ظاهر به ڪيو ، ته هو ڪير آهن جيڪڏهن ڪو اهو به پيو چوي ته امپائر جي  آنڱر کڻن جي انتظار ۾ آهي ته اهو خوف آهي ، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هن دور جا سياستدان پاڻ ۾ تبديلي پيدا ڪن عوام جي ڏکن سورن ۾ ساڻس گڏ رهن، پوء گهٽ ۾ گهٽ خلائي مخلوق کان توهان کي خوف نه ٿيندو سوشل ميڊيا تي اچڻ کان توهان نه ڪيٻائيندا ، هي جديد دور آهي ، ان ڪري خلائي مخلوق جو هن پاڪستان ۾ اهم ڪردار آهي ان ڪري هاڻي تنقيد ڪرڻ ڇڏيو حقيقت عوام جي سامهون پيش ڪيو ۽ پاڪستان جي بقا جي ضامنت ڏيندڙن تي رحم ڪيو اجائي تنقيد توهان کي ئي نقصان ڏيندي ، ان ڪري رياستي ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو انهن جو ڪم آهي هو نڀائين پيا پر جڪيو توهان جو ڪم آهي اهو نه پيا نڀايو ، اچو ته عهد ڪيون ته اليڪشن 2018 ۾ جيڪا به سياسي پارٽي ڪامياب ٿئي ان تي تنقيد نه ڪيون ان مٿان دانڌلين جا الزامات نه هڻو شڪست تسليم ڪري وري ڪاميابي لاء ڪوششون وٺون جيئن پاڪستان خوشحال ٿئي عوام کي   سٺي،  تعليم ، صحت  ۽ روزگار ملي ،

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں