هراري)اسپورٽس نيوز) ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پنجين ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 45 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ قومي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم 7 وڪيٽن تي 149 رنسون ٺاهي سگهي.سيريز جي سمورين ميچن ۾ جارحاڻي بيٽنگ ڪندڙ ڪينگروز ڪپتان ايرون فنچ هن ميچ ۾ پنهنجو جادو نه هلائي سگهيو ۽ صرف 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.اليڪس ڪيري 37 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته ڊي آر سي شارٽ 28، گلين ميڪسويل 10، ٽريوس هيڊ 7، نڪ ميڊنسن 5 ۽ مارڪس اسٽونس 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.گرين شرٽس طرفان شاهين آفريدي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 3، محمد عامر، عثمان خان، شاداب خان ۽ فهيم اشرف هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.ميچ ۾ زبردست ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي اوپننگ بيٽسمين فخرالزمان کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي پهريان سرفراز اليون کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ته فخرالزمان ۽ حارث سهيل اننگز جي شروعات ڪئي ۽ 8 جي مجموعي اسڪور تي قومي ٽيم کي حارث سهيل جي شڪل ۾ خساري کي منهن ڏيڻو پيو جيڪو ڪابه رنس نه ٺاهي سگهيو.حسين طلعت ۽ فخرالزمان ٻئين وڪيٽ تي شاندار راند پيش ڪندي 72 رنسون جوڙيون ۽ ٽيم جو مجموعي اسڪور 80 تائين پهتو ته حسين طلعت ميڪسويل جي بال تي بولڊ ٿي ويو، هو هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 25 بالن تي 30 رنسون ٺاهي سگهيو.ڪپتان سرفراز احمد 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ آسٽريلوي بالرن جي خلاف مزاحمت ڪندڙ فخرالزمان 73 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ کانپوءِ اسٽيونس جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، هن پنهنجي اننگز ۾ 44 بالن تي 3 ڇڪا ۽ 9 چوڪا به لڳايا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟