اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ مريم نواز پاران ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي ويئي تفصيل موجب اسلام آباد جي احتساب عدالت شريف خاندان جي خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو ٻڌائڻ لاءِ 06 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪئي ويئي آهي. جڏهن ته نوازشريف گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصلو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي خميس تي محمد نوازشريف خواجه حارث جي معاون وڪيل ظافر خان جي مدد سان ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي ڪرڻ لاءِ باضابطه درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي نوازشريف جو درخواست ۾ موقف آهي ته هو ان ٽرائيل جو حصو رهيو آهي ۽ لڳاتار عدالت ايندو رهيو آهي پر اوچتو صورتحال تبديل ٿي ويئي ۽ سندس زال ڪلثوم نواز جي طبيعت سخت خراب ٿي ويئي درخواست ۾ چيو ويو ته جڏهن ته ٻڌو آهي ته احتساب عدالت فيصلو ٻڌائڻ واري اهي ته پاڪستان وڃڻ لاءِ ڊاڪٽرن سان مشورو ڪيو ڊاڪٽرن ڪلثوم نواز جي طبيعت ۾ سڌاري تائين نه وڃڻ جو مشورو ڏنو آهي درخواست ۾ اپيل ڪئي ويئي ته مجبوري سبب 6 جولاءِ تي پاڪستان نٿو اچي سگهان جيئن ئي زال جي طبيعت بهتر ٿيندي پاڪستان ايندس تنهنڪري ڪجهه ڏينهن لاءِ فيصلو ملتوي ڪيو وڃي ذريعن موجب ٻئي پاسي رجسٽرار احتساب عدالت اياز حسن زبيري نوازشريف جي درخواست اچڻ تي جج محمد بشير سان فون تي رابطو ڪيو رجسٽرار جو چوڻ هو ته درخواست اسان پاڻ ئي وصول ڪيون ٿا پر هاءِ پروفائيل ڪيس جي ڪري جج سان رابطو ضروري اهي ان موقعي تي نوازشريف جي وڪيل ظافر خان چيو ته اڃا درخواست صرف داخل ڪئي ويئي آهي ان تي ٻڌڻي اڄ جمعي تي ڪئي وڃي رجسٽرار آفيس جي هدايت تي عدالتي عملي نوازشريف جي درخواست وصول ڪري ڊيوٽي جج ڏانهن اماڻي ڇڏي جج محمد بشير جي موڪل سبب احتساب عدالت نمبر 2 جي جج محمد ارشد ملڪ وٽ درخواست ويئي ته هن سوال ڪيو ته هي درخواست مون وٽ ڇو کڻي آيا آيو جج محمد ارشد ملڪ درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ڊيوٽي جج ارشد ملڪ جو درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو نوازشريف مريم نواز جون درخواستون جمعي تي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون. ٻئي طرف فواد حسن فواد جي گرفتاري تي نوازشريف رد عمل ڏيندي چيو آهي ته فواد حسن فواد جي گرفتاري افسوسناڪ آهي. هوڏانهن اسلام آباد انتظاميا ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي جي ٻڌڻي سبب قلم 144 لاڳو ڪندي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪري ڇڏيا آهن. عدالت جي روٽ کي تمام ماڻهن ۽ ٽرئفڪ لاءِ سيل ڪيو ويو آهي. عدالت اندر ۽ ٻاهران 400 پوليس ۽ رينجرس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. هوڏانهن نيب ترجمان راجه عامر عباس چيو آهي ته آرٽيڪل 366 تحت ريفرنس جو ٽرائل مڪمل ٿي چڪو آهي. جوابدار جي درخواست تي فيصلي جي تاريخ وڌائي نٿي سگهجي. شريف خاندان جي ليگل ٽيم ٽرائل دوران موجود رهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟