اليڪشن2018- سنڌ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ٿيندا، ڪراچي جون اڌو اڌ پولنگون حساس قرار

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ چونڊن واري ڏينهن 32 هزار 849 اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته 1181 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس ۽ 2670 حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ڪراچي ۾ عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ چونڊ واري ڏينهن 32 هزار 849 اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته 10 هزار قومي رضاڪارن يا سيڪيورٽي گارڊن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. اليڪشن ڪميشن موجب سيڪيورٽي پلان ۾ اوڀر ضلعي ۾ 112 پولنگ بلڊنگون ۽ 254 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس، جڏهن ته 117 پولنگ بلڊنگز ۽ 220 پولنگ اسٽيشنز حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ملير ضلعي ۾ 18 پولنگ بلڊنگز ۽ 24 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار، جڏهن ته 105 پولنگ بلڊنگز ۽ 138 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ڪورنگي ضلعي ۾ 138 پولنگ بلڊنگز ۽ 262 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس، جڏهن ته 206 پولنگ بلڊنگز ۽ 363 پولنگ اسٽيشنز حساس آهن. سينٽرل ضلعي ۾ 63 پولنگ بلڊنگز ۽ 223 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس، 278 پولنگ بلڊنگز ۽ 747 پولنگ اسٽيشنز حساس، ضلعي اولهه ۾ 123 پولنگ بلڊنگز ۽ 215 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس، 440 پولنگ بلڊنگز ۽ 747 پولنگ اسٽيشنز حساس، ڏکڻ ضلعي ۾ سموريون پولنگ بلڊنگز ۽ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ضلعي سٽي ۾ 84 پولنگ بلڊنگز ۽ 138 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس، جڏهن ته 236 پولنگ بلڊنگز ۽ 363 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. سيڪيورٽي پلان بي موجب شهر ۾ 633 پولنگ بلڊنگز ۽ 991 پولنگ بوٿ نارمل قرار ڏنا ويا آهن ٻئي طرف   آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي سياسي دٻاءُ جو تاثر رد ڪندي چيو ته بهتر ڀرتي ترتيب ۽ وسيلن سان پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، چونڊن جي موقعي تي هڪ لک کان وڌيڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو، سياسي پارٽين جي سربراهن کي ضابطا اخلاق جي پابندي لاءِ چيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته 17 هزار پولنگ اسٽيشنن مان ساڍا 8 هزار کان وڌيڪ حساس ۽ نهايت حساس آهن. هن چيو ته اسان اهم شخصيتن جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن کي واپس گهرايو آهي، 3545 اهلڪار واپس گهرايا ويا آهن، 174 پوليس موبائيلون به واپس گهرايون ويون آهن. آءِ جي سنڌ چيو ته مان سياسي دٻاءُ جو تاثر رد ڪيان ٿو، پوليس جي مختلف يونٽن ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم لڳائينداسين، ٻن هفتن ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، بايو ميٽرڪ سان گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ اهلڪارن جي خبر پئجي سگهندي. امجد جاويد سليمي چيو ته جاچ نظام ۾ بهتري لاءِ ڪورسز تي نظرثاني ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ اعتراف ڪيو ته 10 هزار سيڪيورٽي ڪئميرا لڳائڻ جي رٿا ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، گذريل سال 23 آگسٽ تي 10 ارب رقم سان 10 هزار سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳائڻ جو معاهدو ڪيو ويو هو، 10 ارب رپين جي لاڳت سان 10 هزار ڪئميرا لڳائڻ جو پروجيڪٽ 10 مهينن ۾ هڪ سيڪڙو به ڪم نه ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن ڪراچي جون اڌ کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون نهايت حساس قرار ڏئي ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مطابق ڪراچي جي 4882 مان 2502 پولنگ اسٽيشنون نهايت حساس آهن، انهن مان ڪورنگي جون 732، اوڀر ضلعي جون 697، ڏکڻ ضلعي جون 484 ۽ اولهه جون 237 پولنگ اسٽيشنون نهايت حساس آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سينٽرل ضلعي ۾ نهايت حساس پولنگ اسٽيشن جو انگ 244 آهي، سڀ کان گهٽ 108 نهايت حساس پولنگ اسٽيشنون ملير ۾ آهن. عام چونڊن جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن اهم اجلاس 6 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ نهايت حساس پولنگ اسٽيشنز بابت سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں