نيب وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي گرفتار ڪري ورتو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اڳوڻي  پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ نيب لاهورگرفتار ڪري ورتو. وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي نيب ۾ پيش ٿيڻ لاءِ 11 ڀيرا گهرايو ويو  پر رڳو چار ڀيرا پيش ٿيو. فواد حسن فواد نيب ۾ پيش ٿيڻ لاءِ  پهتو ته کيس  سوالنامو ڏنو ويو. فواد حسن فواد سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ نيب آفيسرن کي مطمئن نه ڪري سگهيو جنهن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. فواد حسن فواد نواز شريف جو تمام گهڻو ويجهو ساٿي آهي ۽ نهايت طاقتور آفيسر سمجهو ويندو آهي. ڊي جي نيب لاهور فواد حسن فواد جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف  اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد خلاف الزامن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. ترجمان موجب فواد حسن فواد آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪيم جو ٺيڪو من پسند ماڻهن کي ڏئي مجموعي طور ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو آهي. نيب ترجمان موجب فواد حسن فواد 9 سي اين جي اسٽيشنز جي به منظوري ڏني آهي. نيب جو چوڻ آهي ته فواد حسن فواد سرڪاري اجازت کانسواءِ خانگي بئنڪ ۾ غير قانوني طور تي سيپٽمبر 2005 کان جولاءِ 2006 تائين نوڪري ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں