حڪومت عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، پيٽرول تي 37 رپين کان وڌيڪ في ليٽر ٽيڪس اوڳاڙڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان اسٽيٽ آئل هلندڙ مهيني لاءِ پيٽروليم شين تي لڳل ٽيڪسز جو تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو پي ايس او پاران جمع ڪرايل دستاويزن موجب عوام صرف جولاءِ ۾ 70 ارب رپين کانوڌيڪ جو واڌو بار برداشت ڪندو پي ايس او موجب پيٽرول تي 37 رپيا 63 پئسا في ليٽر ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز وصول ڪئي پئي وڃي هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 52 رپيا 24 پئسا ۽ گاسليٽ تي 22 رپيا 93 پئاس جڏهن ته لائيٽ ڊيزل تي 17 رپيا 19 پئسا في ليٽر ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز لاڳو آهن دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته پيٽرول تي 17 رپيا 76 پئسا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 28 رپيا 23 پئسا گاسليٽ تي 12 رپيا 74 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل تي 11 رپيا 76 پئسا في ليٽر جي ايس ٽي وصول ڪيو پيو وڃي. پي ايس او موجب پيٽرول تي 10 رپيا في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 8 رپيا في ليٽر گاسليٽ تي 6 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل تي 3 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں