ڪٺ پتلي اتحاد کي عوام جي حمايت حاصل ناهي، پ پ اميدوارن کي هٿ کڻڻ لاء ڌمڪايو پيو وڃي: بلاول زرداري

0Shares

ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت ٽن امرن جي خلاف ويڙهه وڙهي ۽ انهن کي هارائي ڇڏيو عامرن جي باقيات ۽ ساٿارين کي به پاڙان پٽي ڦٽو ڪنداسين ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ قرباني ڏني جمهوريت صرف اليڪشن ناهي هوندي جمهوريت ۾ بنيادي حقن جو تحفظ هئڻ گهرجي جمهوريت کان سواءِ اندران ۽ ٻاهران مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي ملڪ جي تاريخ ۾ 5 جولاءِ کي سدائين ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو ڇو ته پنج جولاءِ تي هڪ آمر ملڪ مان جمهوريت جي تڏا ويڙهه جي سازش ڪئي هئي ۽ جمهوريت پسند ماڻهن کي قيد سميت بدترين ظلم جو نظانو بڻايو ويو هن چيو ته ضياء جي امريت ملڪ کي ڌٻڻ ڏانهن ڌڏڪيون جيڪو عوام لاءِ هڪ ڀوائتو خواب هو پر آمريت ذوالفقارعلي ڀٽو جو عزم ۽ حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ڀٽو فخر سان سولي تي چڙهي ويو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ذوالفقارعلي ڀٽو پنهنجي زندگي ۽ موت پيرين اگهاڙين ماڻهن جي حقن جي جدوجهد لاءِ گذاري ڇڏي جڏهن ته آمر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏني هئي هن چيو ته ضياءالحق بينظير ڀٽو جي قيادت هيٺ بحالي جمهوريت جي عوامي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پر کيس ڪجهه هٿ نه آيو بلاول ڀٽو دعويٰ ڪئي ته هو قائد جي تصور موجب پاڪستان کي برابري تي قائم پرامن ترقي پسند ۽ خوشحال ملڪ بڻائيندو لنڊن فليٽس ريفرنس جو فيصلو ملتوي ڪرڻ جي نوازشريف جي درخواست تي جڏهن ان کان سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته جوابدار ڪنهن کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي هاري دوست مزدور دوست پارٽي آهي چونڊ مهم ۾ عوامي ردعمل سٺي ڳالهه آهي پ پ پ جي خلاف پروپيگنڊا جو اثر ختم ٿي چڪو آهي. گهوٽڪي ۾ چونڊ مهم جي حوالي سان ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي منشور ۾ بُک ختم ڪيو جو پروگرام شامل آهي، پ پ مضبوط هاري منشور ڏنو آهي، هارين جي فصلن کي انشورنس ڏينداسين. هن چيو ته مان مان نفرت ۽ ظلم جي سياست تي يقين نٿو رکان، شهيد بينظير ڀٽو جو مشن پورو ڪرڻ نڪتو آهيان، عوام 25 جولاءِ تي پ پ کي ووٽ ڏئي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن مهم جي حوالي سان پنوعاقل پهتو،  استقباليه ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ 5 جولاءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي اڄوڪي ڏينهن تي منهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو پلٽائي جمهوريت کي راتاهو هيو ويو پر پوءِ به اسان جمهوريت کي بحال ڪرڻ لاءِ جانن جا نظرانه پيش ڪيا آهن 25 جولاءِ جمهوريت کي برقرار رکڻ لاءِ تير تي ٽپو هڻي ڪامياب ڪندا ته جيئن اسان اڳ وانگر عوام جا مسئلا حل ڪنداسين. ان موقعي تي راءِ ناز بوزدار جي اڳواڻي ۾ عورتن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  خانڳڙھ ۾ پڻ بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ورڪ دوران ريلي کي خطاب ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں