اڊيالا جيل نوازشريف جو انتظار ڪري رهيو آهي، قوم جو پئسو ڦريندڙن کي شڪست ڏينداسين: عمران خان

0Shares

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جو فيصلو اچي رهيو آهي، تنهن ڪري هو پاڪستان اچي، ڇو ته اڊيالا جيل سندس انتظار ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف چئي رهيو آهي پاڻ اچي فيصلو ٻڌندس، توهان اهو فيصلو اخبارن ۾ پڙهندا، اسان انتظار ڪنداسين، پاڪستان اچو، اڊيالا جيل توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته قانون انڌو هوندو آهي ۽ سڀني لاءِ هڪ هوندو آهي، ڇا اها رعايت هڪ عام ڏوهاري کي به ملندي آهي؟ جتي ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ قانون ۾ فرق هجي ته وڏيون قومون تباهه ٿي وينديون آهن. هن چونڊن تائين ڪنهن به سياستدان کي گرفتار نه ڪرڻ واري نيب جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته نيب جو چوڻ ائين آهي ڄڻ ٻه ٽيمون ميچ کيڏي رهيون آهن ۽ هڪ ٽيم ۾ ميچ فڪسر پڪڙيو ويو آهي، هاڻ چئي رهيا آهن ان ڪري ميچ نه کيڏو، ڇو ته ميچ خراب ٿي ويندي، کين سمجهه ۾ نه پيو اچي، اها چرين واري ڳالهه آهي، ان ۾ ڪو قانون ناهي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري عوام جو پئسو ٻاهر منقتل ڪيو، اسان ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪنداسين. چارسدا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته چونڊن ۾ قوم جو پئسو ڦريندڙن کي شڪست ڏيڻي آهي، مريم نواز هڪ ڪلاڪ ڪم ناهي ڪيو ۽ وزيراعظم بڻجڻ ٿي چاهي، کيس ڪهڙي خبر محنت ڇا هوندي آهي، ڪم ڪيئن ٿيندو آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو پٽ ۽ ڀاءُ به ليڊر آهي، ڇا توهان جي پارٽين ۾ مائٽن کانسواءِ ڪو ٻيو ليڊر آهي؟ اها خانداني سياست آهي، ان ۾ ميرٽ ناهي. سندس چوڻ هو ته اسان ميرٽ جو قتل ڪيو، رڳو مائٽن کي ڀرتي ڪيو، اڄ بهترين پاڪستاني ٻاهر ڪم ڪري رهيا آهن، ڇو ته هتي ميرٽ ناهي، الله تقدير تبديل ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو ڏيندو آهي، الله موقعو ڏنو آهي، 25 جولاءِ تي ملڪ جو رُخ موڙي ڇڏيو. عمران خان چيو ته ملڪ تي 27 هزار ارب رپين جو قرض آهي، 10 سالن ۾ قرض 6 اربن کان 27 هزار رپين تائين پهچي ويو، پڇو ته اهو پئسو ڪيڏانهن ويو، ڇا ڊيم ٺهيا ۽ بجلي پيدا ٿي؟. تحريڪ انصاف سربراهه چيو 3 سئو ارب چوري ڪندڙ چوي ٿو پاڪستان اچان ته پوءِ فيصلو ٻڌائجو، نواز شريف سڀاڻي توهان جو فيصلو ٿيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں