ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سُپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ سي پيڪ منصوبو رد ڪندي اُن کي لالي پاپ قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪي سي آر 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اِن کان وڌيڪ مهلت نه ملندي، سنڌ سرڪار روڊ ٺهرائي ۽ حددخليون هٽائي، ريلوي سروس جا انتظام ڪرڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد ۽ ٻين کي ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، ڪانفرنس روم ۾ بريفنگ دوران اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ريلوي کاتي جا آفيسرز موجود هئا. سنڌ سرڪار طرفان بريفنگ ڏيندي اي جي سنڌ چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ 24 دروازن مان 14 دروازا مسئلو بڻجي ويا آهن، 14 دروازن تان حددخليون هٽائڻ ممڪن نه آهي. سنڌ سرڪار بريفنگ ۾ تجويز ڏني ته جيڪڏهن 1995ع واري سرڪلر ريلوي بحال ڪئي ته گهڻو ڪجهه ختم ٿي ڪرڻو پوندو، گرين لائين ۽ اورينج لائين سوڌو سمورا منصوبا ختم ڪرڻا پوندا، تنهن ڪري عدالت سنڌ سرڪار ۽ وفاق حڪومت جي پلان تي غور ڪري. سُپريم ڪورٽ ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ سي پيڪ منصوبو رد ڪندي چيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه لالي پاپ آهي، 6 مهينن ۾ ڪي سي آر بحال ڪئي وڃي، اِن کان وڌيڪ ڪابه مهلت نه ملندي. سي پيڪ سان اسان جو ڪوبه واسطو نه آهي، اسان کي ڪي سي آر جي بحالي گهرجي. سنڌ سرڪار کي رستا ٺاهڻ ۽ حددخليون هٽائڻ جي هدايت ڪندي عدالت چيو ته ريلوي سروس لاءِ سمورا انتظام ريلوي کاتي کي ڪرڻا آهن. سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ڪراچي ۾ سمورا منصوبا مٽيءَ جو ڍير آهن، ڪِري پوندا، اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي عدالت چيو ته ماڻهو مري رهيا آهن، توهان بِين وڄائي رهيا آهيو. جيستائين مٿان کان ڏنڊو نٿو اچي، تيستائين ڪم نٿو ٿئي. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس گلزار احمد اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جا ٺيڪيدار هليا ويندا آهن، پر توهان پئسا نٿا ڏيو. ناظم آباد وڃي ڏسو، اُتي ڪوبه ڪم نه ٿي رهيو آهي. هر وقت ڪو نه ڪو تبديل ٿيندو رهندو آهي. ماڻهو خواب ڏسندا رهندا آهن، سندن عذاب ٿي وئي آهي، مٽي ۽ ڌوڙ آهي. ماڻهو مري رهيا آهن، پر توهان مُرلي وڄائي رهيا آهيو. ڪراچي ۾ چنگچي وارا ٻيهر شروع ٿي ويا آهن. اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته توهان جا سمورا منصوبا مٽيءَ جو ڍير آهن، ڪري پوندا. جيستائين مٿان کان ڏنڊو نه ايندو آهي، تيستائين توهان ڪم نه ڪندا آهيو. جيڪي ماڻهو ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اُنهن کي ڪراچي جي ڪهڙي خبر آهي؟ جيترا فلاءِ اوورز ٺاهيا آهن، اُهي ڪري پوندا، ڪياماڙيءَ واري پُل به ڪرڻ واري آهي. اُن جي نتيجي ۾ ڪياماڙيءَ جو زميني رابطو ڪراچي سان ڪاٽا ٿي ويندو. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس چيو ته سلمان صاحب! توهان ايماندار آهيو پر توهان جي ماڻهن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. يونيورسٽي روڊ هڪ مذاق آهي، شهيد ملت روڊ به ڪڏهن ڏسڻ لائق نه هو. شهر ۾ ڪروڙين موٽر سائيڪلز آهن. اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ تائين ريڊ لائين منصوبو به مڪمل ٿي ويندو، جنهن تي چيف جسٽس پُڇيو ته بليو ۽ پرپل لائين منصوبو ڇا آهي؟ اي جي سنڌ چيو ته اُن تي اڃا ڪم نه ٿيو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟