امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا

0Shares

ڪابل (م ڊ) افغانستان جو سياسي اڳواڻ عبدالله عبدالله هڪ قاتلاڻي حملي ۾ ذري تان بچي ويو، جڏهن ته ان واقعي ۾ 27 ڄڻا مارجي ويا. افغان اختيارين موجب  جمعي ڏينهن اڻڄاتل ويڙهاڪن اوچتو ڪابل ۾ هڪ تقريب دوران حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 31 زخمي ٿي پيا. افغانستان جو اڳوڻو چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله به ان تقريب ۾ موجود هو، جيڪو محفوظ رهيو. افغان صدر اشرف غني ان حملي کي ”جنگي ڏوهه ۽ قومي اتحاد خلاف“ قرار ڏنو آهي. هوڏانهن طالبان چيو آهي ته اهي ان پرتشدد واقعي ۾ ملوث ناهن. ٻئي طرف طالبان حملي کان لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته طالبان حڪومتي جلسن تي حملا ناهن ڪندا هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪابل ۾ حملي جي مذمت ڪئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں