ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سڄي ملڪ جون ڪٻاري بسون ڪراچي ۾ هلايون وڃن ٿيون، مذاق نهسمجهو، اسان سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلي ڇڏينداسين. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪلري ريلوي جي بحالي ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي حوالي سان ڪيس تي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، اٽارني جنرل آف پاڪستان، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري ريلوي ۽ ٻيا پيش ٿيا. چيف جسٽس گلزار احمد گرين لائين ۽ اورنج لائينز منصوبن جي حوالي سان ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهي بسز روڊ تي ڪڏهن هلنديون، جنهن تي اي جي سنڌ ٻڌايو ته اهي بسز هلي رهيون آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته شهر ۾ 1955ع واريون بسز هلي رهيون آهن، سڄي ملڪ جون ڪٻاڙي بسون هتي هلايون پيون وڃن. اهي بسز تڏهن هلنديون، جڏهن آئون ۽ ٻيا ساٿي گهر هليا ويندا. اسان سرڪاري مشينري کي به جيل موڪلينداسين، مذاق نه سمجهو. ڪجهه آفيسرز جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڪجهه کي ٿورو کڻي وڌايو. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس گلزار احمد اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڏٺو آهي توهان، ڪنهن جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري، اي جي صاحب! جونءِ جو سُرڻ سمجهو ٿا. گذريل ڏينهن 14 ماڻهو مري ويا، تڏهن به سڀ آرام سان ننڊ سُتل آهن، نيوزيلينڊ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اُهو توهان ڏٺو، اُهي به ته ماڻهو آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں