ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گولي مار ۾ رهائشي جڳهه ڪرڻ سبب مري  ويلن جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آهي جڏهن ته جڳهه مالڪ جي خلاف حادثي جوڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ناظم آباد جي علائقي گوليمار نمبر 2 ۾ ٽي رهائشي عمارتون ڪري پيون جنهن سبب مري ويلن جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آهي ۽ هن حادثي سبب 37 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آهن هن واقعي جو ڪيس رضويه ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، ايف آءِ ار موجب اها عمارت محمد جاويد خان نالي ماڻهو جي آهي. جڏهن ته ڪريل جڳهه جي ڍير جي هيٺان مري ويلن ماڻهن جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي جنهن کانپوءِ مري ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. پوليس موجب عمارتون 40، 40 گز جي ٽن پلاٽن تي ٺهيل هيون جن مان هڪ عمارت مڪمل طور تي ڊهي پٽ پئجي وئي آهي جڏهن ته ٻن عمارتن جو ڳچ حصو ڊهي پٽ ٿيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪريل عمارتن جي ويجهو چار ماڙ عمارت کي زبون قرار ڏنو ويو آهي، حادثي ۾ هن وقت تائين 18 ڄڻا فوت ۽ 37 زخمي ٿيا آهن پاڪ آرمي جي جوانن ۽ ٻين ادارن پاران ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو ويو، عمارت ڪرڻ جو اطلاع ملندي ئي علائقي جي پوليس ۽ لاڳاپيل عملدار واقعي واري هنڌ پهتا هئا ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو هو. واقعي کانپوءِ انتظاميه پاران ڳري مشينري رواني ڪري امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو. جڏهن ته سوڙهين گهٽين سبب ان هنڌ تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون. ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي چيو آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جاچ ڪئي ويندي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عمارت ٺاهڻ جي اجازت ڏني هئي يا نه ۽ هن واقعي ۾ جيڪو به ملوث ڏٺو ويو ان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ايس بي سي اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمارت ڪافي پراڻي هئي ۽ 66 گز جي پلاٽ تي ٺاهي وئي هئي ۽ ايتري ننڍي زمين تي پنج ماڙ عمارت ٺاهڻ جي به اجازت ڏني وئي هئي پر بلڊر ڇهين ماڙ تي به اڏاوت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو جيڪو سڀني کي نظر آيو پئي پر ڪنهن به ڪارروائي نه ڪئي. ٻئي طرف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 4  ملازمن کي معطل ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں