ڪراچي (اسٽاف پورٽر ) سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي ڪراچي سرڪلر ريلوي جي سمورن التوا هيٺ مسئلن کي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ وفاق جي انتظام هيٺ ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪمپني (ڪي يو ٽي سي) ۽ رائيٽ آف وي کي صوبائي حڪومت حوالي ڪرڻ آهي ته جيئن ڪي سي آر پروجيڪٽ جي شروعات ٿي سگهي، جنهن جي اپريل 2020 ۾ بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ سي پيڪ بابت گڏيل راطه ڪميٽي (جي سي سي) سان ان جي مالي منظوري ملندي. اهو فيصلو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير ريلوي شيخ رشيد وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه، صوبائي صلاحڪار قانون مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ غلام عباس ڏيٿو شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وزير ريلوي جي وفد ۾ سيڪريٽري/چيئرمين ريلوي حبيب الرحمان گيلاني، سي اي او/سينئر جنرل مينيجر ريلوي دوست علي لغاري، ڊپٽي سيڪريٽري نثار ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل پلاننگ ريلوي سيد مظهر علي، ايڊيشنل جنرل مينيجر ريلوي فرخ تيمور شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي وزير ريلوي کي سرڪلر ريلوي جي واقعن جي تاريخ ٻڌائيندي چيو ته 3 ڊسمبر 2016 تي هن وزيراعظم کان سي پيڪ فريم ورڪ تحت ڪي سي آر کي شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي تنهن جي بحالي لاءِ ساوورين گارنٽي جاري ڪئي وڃي، ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪمپني (ڪي يو ٽي سي) کي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو وڃي ۽ رائيٽ آف وي (آر او ڊبليو) کي ڪي يو ٽي سي جي سپرد ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم (نواز شريف) منهنجيون سڀني درخواستن کي منظور ڪيو ۽ ڪي يو ٽي سي جو رائيٽ آف وي ڏيڻ واري معاملي تي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ڪري معاملي ۾ دير ٿي. هن وڌيڪ چيو ته 29 ڊسمبر 2016 تي بيجنگ ۾ ڪوٺايل ڇهين جي سي سي اجلاس ۾ ڪي سي آر جي بحالي تي اتفاق ڪيو ويو هو. وڏي وزير چيو ته 6 آڪٽوبر 2017 تي ايڪنيڪ چيني قرض ذريعي 207.6 ارب رپيا (1.97 بلين ڊالرز) جي لاڳت سان ڪي سي آر منصوبي جي منظوري ڏني. ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمنٽ 8 نومبر 2017 تي ان منصوبي جي انتظامي منظوري جاري ڪئي. وڏي وزير پاران ڪي سي آر 21 نومبر 2017 تي ٿيندڙ ستين جي سي سي اجلاس ۾ ٽيڪنيڪل لحاظ سان عمل جوڳو هو. 20 ڊسمبر 2018 تي اٺين جي سي سي اجلاس ۾ ڪي سي آر جي اهميت کي مڃيو ويو ۽ اسلام آباد ۾ 6 نومبر 2019 تي نائين جي سي سي اجلاس ۾ چيني ڌر بيان ڪيو ته پاڪستان حڪومت کي مالي سهڪار جي دخواست چيني فريق کي پيش ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن چيئرمين سي پيڪ اٿارٽي ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوه سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن خاطري ڪرائي هئي ته ڪي سي آر رٿا تي من ۽ عن عمل ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪمپني (ڪي يو ٽي سي) ۾ وفاقي حڪومت جي 60 سيڪڙو ۽ صوبائي حڪومت جو 40 سيڪڙو ڀائيواري هئي جنهن کي سنڌ حڪومت حوالي نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري ڪي سي آر جي معاملن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ هڪ صلاحڪار مقرر ڪيو وڃي، ان تي وفاقي وزير شيخ رشيد وڏي وزير کي ٻڌايو ته هو ڪي يو ٽي سي کي سنڌ حڪومت حوالي ڪري رهيو آهي ان مقصد لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه ۽ وفاقي سيڪريٽري ريلوي جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ هڪ مهيني جي اندر ڪي يو ٽي سي کي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جي باقاعده ۽ انتظامن کي آخري شڪل ڏني ويندي. وڏي وزير چيو ته انتظاميا جي تبديلي لاءِ ڪي يو ٽي سي کي ايس اي سي پي وٽ درخواست دائري ڪرڻي پوندي. ڪراچي سرڪلر ريلوي جي روٽ تي حددخلين کي ختم ڪرڻ بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 38 ڪلوميٽر مان 33 ڪلوميٽر ڪليئر ٿي چڪو آهي ۽ فقط پنچ ڪلوميٽر باقي رهيل آهي. ڪمشنر ڪراچي چيو ته جڏهن پاڪستاني ريلوي اڳيان وڌندي ته باقي بچيل حصو به حددخلين کان پاڪ ڪيو ويندو. ان تي وزير ريلوي ۽ وڏي وزير ڊي سي ريلوي ڪراچي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان ڪمشنر ڪراچي تحت هڪ الڳ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ ڪي سي آر روٽ جي بقايا حصي مان حددخلين کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. ڪميٽي کي هڪ مهيني اندر رستو صاف ڪرڻ ۽ حڪومت کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ريلوي ۾ التوار هيٺ معاملن ۾ ٽوپوگرافي سروي ۽ ڪي سي آر روٽ سان اوورليپنگ ايم ايل ون جي سيڪشن جي جيوٽيڪنيڪل جانچ شامل آهن جيڪا سٽي اسٽيشن کان ڊرگ روڊ تائين اڃان مڪمل نه آهي. وڏي وزير چيو ته سيڪشن جو ڊيزائين جيو ٽيڪنيڪل جانچ ۽ ٽوپوگرافڪ سروي جي پڄاڻي کانپوءِ شروع ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اتفاق لاءِ وزارت رٿابندي ۽ ترقيات ۾ التوا هيٺ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ۽ نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ رفارمر ڪميشن، بيجنگ، چين کي اماڻڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته مالي اعانت جي مراعتن واري درخواست وفاقي حڪومت جي فنانس ڊويزن ۾ التوا هيٺ آهي جنهن تحت هي درخواست اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني ۾ وزارت تجارت بيجنگ چين کي اماڻڻ آهي. هن چيو ته فنانس ڊويزن وٽان ساوورين گارنٽي جاري ڪرڻ به التوا هيٺ آهي. هن چيو ته مالياتي ادارن کي تسلي لاءِ ان کي تيز ڪيو وڃي. وفاقي وزير ريلوي شيخ رشيد وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته سندن وزارت ڪي سي آر رٿا جلد کان جلد شروع ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ سهڪار ڪندي. ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته ڪي سي آر جي متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي جتي به ريلوي جي زمين دستياب آهي اتي گهر اڏائي انهن کي بحال ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان مارچ جي آخر تائين رائيٽ آف وي جي منظوري، ڪاغذن ۽ لاڳاپيل ڪاغذي ڪارروائي سميت سمورا انتظام ڪرڻا پوندا ته جيئن اپريل 2020 تي بيجنگ ۾ ٿيندڙ جي سي سي واري اجلاس ۾ ڪي سي آر جي فنانشل رليز تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي. سرڪلر ريلوي جو روٽ 43.13 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جنهن جي درجابندي 14.95 ڪلوميٽر ۽ 28.18 ڪلوميٽر اوچو آهي. اصل رٿا جي پڄاڻي کانپوءِ اهو ايئرپورٽ سان ڳنڍجي ويندو. ان ۾ وزير مينشن کان منگهوپير تائين 8.3 ڪلوميٽر ترجيحي سيڪشن هوندو. ڪي سي آر جا 24 اسٽيشن هوندا، ان مان 14 بلند جايون ۽ 10 ايٽ گريڊ ۽ ڪي سي آر جو الڳ يارڊ هوندو. ڪي سي آر جو رستو وزير مينشن، لياري، بلديا، شاهه عبداللطيف، سائيٽ، منگهوپير (ترجيحي سيڪشن) ايڇ بي ايل، اورنگ آباد، ناظم آباد، لياقت آباد، ياسين آباد، گيلاني، نيپا، الادين پارڪ، جوهر، ڊرگ روڊ، ڪارساز، شهيد ملت، چنيسر، نيول ڪورنگي روڊ، ڪراچي ڪينٽ، ڊي اوسيز، ڪراچي سٽي، ٽاور ۽ وزير مينشن تائين هوندو. ڊرگ روڊ سان سرڪلر ريلوي منصوبي جي پڄاڻي کانپوءِ جناح ٽرمينل تائين وڌايو ويندو جيڪو ڊرگ روڊ کان ڊرگ ڪالوني، اسٽار گيٽ ۽ جناح ٽرمينل تائين هوندو. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ماس ٽرانزٽ جا منصوبا ۽ سرڪلر ريلوي ئي شهر جي ٽريفڪ جي مسئلن جو حل آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟