سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ وارو بل پيش ڪرڻ وارين تحريڪن کي اڪثريتي راءِ سان رد ڪيو ويو. سينيٽ ۾ ڄاڻايل بل پيش ڪرڻ جي حمايت ۾ 16 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ پيا. عام طور پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي بل جي مخالفت ڪئي البت مسلم ليگ ن جي دلاور خان، يعقوب خان ناصر بل پيش ڪرڻ جيحق ۾ ووٽ ڏنو، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي، نيشنل پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام ف ۽ ايم ڪيو ايم طرفان به بل پيش ڪرڻ جي حمايت ڪئي وئي. ان کان اڳ پارليامينٽ جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي وڃي يا نه؟ ان حوالي سان سينيٽ ۾ بحث ڪيو ويو.  پهرين مرحلي ۾ چيئرمين سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ واڌ وارو بل سينيٽ ۾ آندو ويو. سينيٽر نصيب الله بازئي چيو ته هي بل مون ۽ منهنجي ساٿين ايوان ۾ آندو آهي، پاڪستان ۾ ادارن، اٿارٽي سربراهه يا ٻين سربراهن جون پگهارون 8 لک رپيا آهن پر سينيٽ چيئرمين جي پگهار 2 لک کان وڌيڪ ناهي ان ڪري چيئرمين سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ ڪئي وڃي. بيرسٽر سيف: ان موقعي تي خطاب ڪندي حڪومتي اتحادي پارٽي متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيٽر بيرسٽر سيف پنهنجي ئي اتحادي پاڪستان تحريڪ انصاف جي فيصل جاويد تي ڪڙڪي پيو. بيرسٽر سيف چيو ته اسان مزدور ماڻهو آهيون، ٽي اي ڊي اي به ناهيون وٺندا، پگهار وڌڻ سان قومي ناڻي تي ايترو بار نه پوندو، جن کي پگهار ناهي کڻڻي اُهي نه کڻن ڀلي موجوده پگهار به عطيو ڪن. فيصل جاويد: پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته في لحال جيڪا پگهار ملي رهي آهي سڀ ان تي گذارو ڪن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته معيشت جي ٺيڪ ٿيڻ ۽ عام ماڻهو جون حالتون تبديل ٿيڻ تائين اِهو معاملو التوا ۾ رکيو وڃي. فيصل جاويد چيو ته وزير اعظم پنهنجي پگهار ۾ به واڌ ناهي ڪئي، وزير اعظم  پنهنجي خرچن ۾ ريڪارڊ گهٽتائي آندي، جيستائين معيشت ٺيڪ نٿي ٿئي، عام ماڻهو جون حالتون تبديل نه ٿينديون، اِهو معاملو هولڊ تي رکو. شيري رحمان: پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان به پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ ۾ پنهنجي خطاب ۾ شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي واضح طور تي ان معاملي جي مخالفت ڪندي. هن اِهو به چيو ته پاڪستان ۾ پارليامينٽ ميمبرن جون پگهارون خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن پر هن وقت ڏاڍو غلط پيغام ويندو جيڪڏهن پارليامينٽ پاڪستان پاڻ کي مراعتون ڏئي. سينيٽر مشاهد الله: ن ليگ جي اڳواڻ مشاهد الله چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي صدر کي 9 لک رپيا پگهرا ڏئي رهيا آهيو ته گروپ ون ۽ ٽو جي ملازمن کي ان جو 10 سيڪڙو ته ڏيو. سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اِهو ڪو طريقو ناهي جو جنهن جو داءُ لڳي وڃي اُهو پگهار وڌائي جنهن جو داءُ نه لڳي اُهو روئندو وتو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پگهار وڌائيندڙ امير ماڻهو ئي هوندا آهن، ملڪ ۾ پگهارون وڌائڻ جي حوالي سان ڪو به اصول ناهي بڻايو ويو، صدر صاحب جي پگهار لڳ وڌي لڳ ڀڳ 9 لک رپيا ٿي وئي آهي، وزير اعظم صاحب به چوي ٿو ته هن جو پگهار مان گذارو نٿو ٿئي، وزير اعظم جو ان پگهار مان گذارو نٿو ٿئي ته ان جي به پگهار وڌايو. سينيٽر مشاهد الله وڌيڪ چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر جي ماڻهن کي هڪ سيڪنڊ ۾ نوڪرين مان ڪڍيو ويندو آهي، 80لک ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آهن، بيروزگاري جي ڪري اسٽريٽ ڪرائمز ۽ ٻين ڏوهن ۾ واڌ ٿي آهي، ماڻهن جا گهر پيا ڪيرايا وڃن ۽ انهن کي متبادل جاءِ ناهي ڏني ويندي.عثمان ڪاڪڙ: پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪجهه سينيٽر ارب پتي آهن ۽ پگهار مان هڪ ڏيڍ لک به نه پيا ڇڏين، 17 گريڊ جي آفسر جي پگهار به اسان کان وڌيڪ آهي.عثمان ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته ڪجهه سرڪاري عهديدارن جون پگهارون لکين رپيا آهن، سواتي صاحب همت ڪري ته سڄي پارليامينٽ کي پالي سگهي ٿو، پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي، اسان ان بل تي سياست نه ڪنداسين. هن چيو ته وفاقي سيڪريٽريز ۽ خود مختار ادارن جي سربراهن جون پگهارون لکين رپيا آهن، ايوان جي اڪثريت چاهي ٿي ته ميمبرن جون پگهارون وڌجن، هو دل ۾ چاهن ٿا ته پگهارون وڌن پر سياست ڪندا آهن. عثمان ڪاڪڙ چيو ته اسان اڃان سترنهن گريڊ جي آفيسر جي پگهار به ناهيون وٺي رهيا، هن ايوان کي ايترو به هيٺ نه ڪرڻ گهرجي، مون زندگي ۾ هڪ رپئي جو ڪاروبار ناهي ڪيو، سڄي زندگي سياست ڪئي، پگهارن ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي، پوءِ ڀلي اُهو اسپيڪر هجي يا چيئرمين هجي يا وري ميمبر هجي. اعظم سواتي: پنهنجي خطاب ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم سواتي چيو ته حقيقتن کي ڏٺو وڃي ته نصيب الله بازئي جيڪو چئي رهيو آهي اُهو سچ آهي، محتسب اعليٰ جي پگهار 14 لک ۽ سيڪريٽري جي 3 لک آهي، ريگوليٽري اٿارٽي سربراهن جون پگهارون 8 لک رپيا آهن، هي سڄو نظام ناانصافي تي ٻڌل آهي، پر حڪومت بل جي مخالفت ڪندي. هن چيو ته جيڪي ملڪ جون معاشي حالتون آهن، ماڻهو ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهن پر ان بل تي بحث ٿيڻ گهرجي، هي مني بل آهي جنهن جي شروعاتي قومي اسيمبلي مان ٿيندو آهي، سينيٽ مان نه ٿيڻ گهرجي.  اجلاس ۾ تقرير دوران سراج الحق سينيٽ چيئرمين سان مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ توهان گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهيو. وزيراعظم جي گهر ۾ به رڳو 2 ڀاتي رهن ٿا، جيڪڏهن وزيراعظم جو هن پگهار مان گذارو ڏکيو ٿو ٿئي ته عام ماڻهو جو ڪيئن ٿيندو هوندو. هُن چيو ته ججز، اليڪشن ڪمشنر ۽ سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌيڪ آهن ته پاريامينٽ ميمبرز جون پگهارون گهٽ آهن؟ جيڪڏهن سياست کي عبادت سمجهون ٿا ته عبادت ۾ پگهار ناهي هوندي، گهٽ پگهار تي گذارو ڪريو، الله توهان کي اجر ڏيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں