چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر

0Shares

بيجنگ(م ڊ) چين ۾ پراسرار ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 57 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 371 ٿي ويو آهي. چيني اختيارين موجب، 56 ماڻهو وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبي هوبئي ۾ فوت ٿيا، جڏهن ته چونگ چنگ ۾ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو. چيني اختيارين موجب، ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي 371 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 28 سئو 29 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ 17 هزار 205 ٿي ويو. ٻئي پاسي وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ اوڀر چين جي شهر وين زو ۾ اچڻ وڃن تي پابندي مڙهي وئي. وين زو شهر جا روڊ رستا بند ڪري شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪورونا وائرس سبب ڦلپائن ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته وائرس 24 ملڪن ۾ رپورٽ ٿي چڪو آهي. چين کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي 149 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي، جاپان ۾ ٻي نمبر تي 20 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ٿائي لينڊ ۾ 19 ۽ آمريڪا ۾ 9 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ڪئي ويئ آهي. فرانسيسي اختيارين جو چوڻ آهي ته چيني شهر ووهان مان فرانس موٽندڙ 20 ماڻهن ۾ وائرس جون نشانيون ظاهر ٿيون آهن، جنهن بعد متاثرن ماڻهن کي ڌار ڪري رت جا جذا ورتا ويا آهن. ٻئي طرف وزيراعظم جو صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته حڪومت ڪورونا وائرس جي واڌ کي روڪڻ جي لاءِ هر امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. ڊاڪٽر ظفر مرزا اسلام آباد ائيرپورٽ جو دورو ڪيو ۽ چين مان ايندڙ اڏامن جي مسافرن کي پاڪستان اچڻ تي ڪورونا وائرس جي اسڪريننگ جي لاءِ کنيل قدمن جو به جائزو ورتو. هن چيو ته سمورن هوائي اڏن تي ڪورونا وائرس جي اسڪريننگ جو جامع نظام موجود آهي. لهذا انٽرنيشنل هيلٿ ريگوليشن جي سفارشن موجب قاعدن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته صحت جي اداري وٽ امڪاني ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي سهوليت موجود آهي ۽ پاڪستان جي حڪومت هر امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف صحت واري وزارت بندرگاهن مان ايندڙ جهازن جي فيومگيشن جي معاملي جو نوٽيس وٺندي چيو ته انٽرنيشنل هيلٿ ريگوليشنز جي تحت ڪي به اضافي هدايتون جاري ناهن ڪيون ويون. ان حوالي سان وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته نوول ڪورونا وائرس ڪميٽي چين ۽ ٻين ميمبر ملڪن سان گڏ واپار يا سفر تي پابندي لاڳو ناهي ڪئي. بندرگاهه تي مقرر  عملو مال بردار جهازن بابت قاعدن تي عمل ڪرڻ کي سختي سان يقيني بنائي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں