سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا، سعيد غني کان اطلاعات وارو کاتو واپس وٺي ناصر شاهه حوالي – تفصل موجب سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري بعد سروس جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينشنڊپارٽمينٽ پاران وزيرن جا کاتا تبديل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير سعيد غني کان اطلاعات واري کاتي جو قلمدان واپس وٺي، کيس تعليم کاتي ۽ ليبر واري کاتي جا قلمدان ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ناصر شاهه کي اطلاعات کاتو، مڪاني کاتو، مذهبي معاملن ۽ ٻيلي کاتي جي وزارتن جا قلمدان ڏنا ويا آهن، نوٽيفڪيشن موجب سهيل انور سيال کان اينٽي ڪرپشن کاتي جو قلمدان واپس وٺي کيس زاڪوات ۽ آبپاشي کاتن جا قلمدان ڏنا ويا آهن، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو تي به قسمت جي ديوي مهربان ٿي وئي، کيس اينٽي ڪرپشن کاتي جو قلمدان ڏنو ويو آهي، ڄام اڪرام الله ڌاريجو وٽ انڊسٽريز کاتي جو به قلمدان رهندو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں