ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪڻڪ جي ذخيرن خلاف اڄ کان آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. آپريشن ۾ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار حصو وٺندا جڏهن ته صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن جي نگراني هيٺ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ خلاف سخت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪڻڪ جي مسئلي تي هڪ اهم اجلاسجي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، وزير خوراڪ هري رام، وزير زراعت اسماعيل راهو، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري خوراڪ لئيق احمد، سيڪريٽري ٻيلو کاتو رحيم سومرو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت وٽ پنهنجي ڪڻڪ 7 لک ٽن هئي جنهن مان 4 لک ٽن ڪڻڪ ڏئي چڪا آهيون. صوبائي وزير هري رام اجلاس کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ پاسڪو جا 12 هزار ٿيلها پهچي چڪا آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي شهر لاءِ هر مهيني هڪ لک 30 هزار ٽن ڪڻڪ جاري ٿيندي آهي. هن چيو ته 15 مارچ تائين خوراڪ کاتو ڪڻڪ جاري ڪندو آهي جنهن حساب سان خوراڪ کاتي کي هينئر به 2 مهينن لاءِ ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائڻي آهي. وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڏيندي چيو ته سنڌ جي گودامن ۾ 3 لک 35 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي جيڪا ملز کي ڏئي رقم وصول ڪئي وڃي. وڏي وزير پاسڪو کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت 90 بلين رپين جي قرض مان 20 بلين رپين جا قرض بينڪن کي واپس ڪيا آهن. پاسڪو کي به وڏي وزير جي هدايت تي خوراڪ کاتو ڪڻڪ جي مد ۾ ادائيگي ڪري چڪو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاسڪو کان 4 لک ٽن ڪڻڪ وٺي رهيا آهيون ۽ اڄ 75 هزار ٿيلها ڪراچي ۾ سپلائي ٿي چڪا آهن. مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ وڌيڪ 3 ڏينهن لڳندا. هن وقت فلور ملن پاران مختلف جاين تي اٽو 43 رپيا في ڪلوگرام جي حساب سان ڏئي رهيا آهن. سنڌ حڪومت مختلف گودامن تي ڇاپو هڻي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اڄ کان ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن خلاف پوليس ۽ رينجرز تحت آپريشن شروع ٿي رهيو آهي جڏهن ته صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي نگراني هيٺ ذخيرن خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ کي ذخيرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته جلد صوبي اندر جاري ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران تي ضابطو آندو ويندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟