حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي نالن تي اتفاق

0Shares

اسلام آباد  (بيورو) حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي 2 ميمبرن جي نالن تي اتفاق ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ميمبرن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ اسپيڪر آفيس ۾ ڳالهيون ٿيون. مخالف ڌر چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ 3 نالا ناصر کوسا، اخلاق تارڙ ۽ عرفان قادر جا نالا پيش ڪيا، جڏهن ته حڪومت جميل احمد، فضل عباس ميڪن ۽ سڪندر سلطان راجا جا نالا پيش ڪيا.ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن ميمبرن جا نالا فائنل ٿي ويا. چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ حڪومت جي تجويز ڪيل سڪندر سلطان راجا جي نالي تي اتفق ٿي ويو. بلوچستان ۽ سنڌ مان ڪميشن جي ميمبرن مخالف ڌر جي تجويز ڪيل نالا طئه ٿي ويا آهن. ميمبرن سنڌ جي لاءِ نثار دراني ۽ ميمبر بلوچستان جي لاءِ شاهه محمد جتوئي جي نالن تي اتفاق ٿي ويو. وزيراعظم عمران خان جي حتمي منظوري کانپوءِ پارلياماني ڪميٽي اڄ اعلان ڪندي. اپوزيشن چيو ته اڄ نالن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ فيصلي جو اعلان پارلياماني ڪميٽي ۾ ڪيو ويندو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مشاهد الله چيو ته اڄ اسان 95 سيڪڙو اڳڀرائي ڪري ورتي آهي، هاڻ چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ 6 نالا غور هيٺ آهن، اميد آهي ته اڄ انهن مان ڪنهن هڪ جي نالي تي اتفاق راءِ ٿي ويندو. ان کان اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ وزيراعظم عمران خان کي خط لکي ناصر کوسا، اخلاق تارڙ ۽ عرفان قادر جا نالا تجويز ڪري ڇڏيا. شهباز شريف خط ۾ چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ جلد اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي، جئين عدالتي فيصلن تي عملدرآمد ڪري سگهجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان به چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ 3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ جميل احمد، فضل عباس ميڪن ۽ سڪندر راجا شامل آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں