اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ اٽي جي بحران جي خاتمي لاءِ اقتصادي رابطه ڪميٽي 3 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ اٽي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي بُنيادن تي پرڏيهه مان 3 لک ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏني وئي. ناڻي کاتي جي ترجمان موجب پنجاب ۽ پاسڪو کي به ذخيرو ڪيل ڪڻڪ فوري طور جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي طرفان اٽي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ 3 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائڻ لاءِ فوري طور لائسنس جاري ڪيا ويندا، اُن حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ سوڌو ٻين سمورين لاڳاپيل بئنڪس کي ڪڻڪ امپورٽرز لاءِ ايل سي جون هدايتون به جاري ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته سامونڊي ٻيڙي ذريعي پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائڻ لاءِ ڪيماڙي بندرگاهه تي جاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي، عام طور تي اهي سمورا مرحلا طئه ڪرڻ لاءِ 15 کان 20 ڏينهن لڳي ويندي آهن، پر ملڪ ۾ اٽي جي بحران ۽ حڪومتي جي هنگامي فيصلن جي نتيجي ۾ اهي سمورا مرحلا 48 ڪلاڪن ۾ پورا ڪيا ويندا. ذريعن موجب ذريعن جو آهي ته وفاقي سرڪار جي فيصلي پٽاندڙ پلانٽ پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ کي ٻاهران گهرايل ڪڻڪ جي هنگامي بُنيادن تي ڪليئرنس ڏيڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون وينديون. ٻئي پاسي وفاقي ناڻي واري وزارت جي ترجمان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اي سي سي اجلاس دوران پنجاب ۽ پاسڪو کي پنهنجي ذخيرن مان ڪڻڪ فوري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پاسڪو ۽ پنجاب جي ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي صورت ۾ اٽي جي کوٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجمان چيو آهي ته پرڏيهه کان گهرايل سموري ڪڻڪ پهچڻ جو مرحلو مارچ مهيني تائين پورو ٿي ويندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟