اٽي جي بحران جو سينيٽ ۾ پڙاڏو، اپوزيشن جي حڪومت تي ڇتي تنقيد

0Shares

اسلام آباد  (بيورو) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ پوري ملڪ ۾ اٽي جي بحران ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ عوامي شڪايتن تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.  ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر پرويز رشيد اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڊالر جي بحران سان جهاز ۽ ڪمپني هلائڻ وارن وڏو فائدو حاصل ڪيو، ماڻهن جي وات مان گرھ کسڻ تي قبر ۾ به سڪون ناهي، ان سان عذاب ملندو آهي، وفاق پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اوهان جون پنهنجون حڪومتون جيڪڏهن غلط ڄاڻ ڏئي رهيون آهن ته ذميوار ڪير آهي. هن چيو ته پنهنجي لاءِ بک خريد ڪئي، ماڻهن کي ڏڪار جي ور چاڙهيو ۽ پنهنجي چند دوستن جا کيسا ڊالرن سان ڀريا ويا.  اجلاس ۾ ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته 22 ڪروڙ عوام جي لاءِ ڪيڏو وڏو لنگر خانو ٺاهيندو. هن چيو ته ريلوي نظام تباھ ٿي ويو آهي. راجا ظفر الحق چيو ته ڪنهن هڪ شخص کي فائدو ڏيڻ لاءِ اٽو برآمد ڪيو ويو. اٽو به برآمد ڪرڻ بعد درآمد ڪيو ويو، ائين ڇو ڪيو ويو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں