سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي مقرري قانون موجب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون موجب آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو جواب اچڻ تائين ڪليم امام ئي آءِ جي سنڌ رهندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذار جي وڪيل ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليل ڏنا. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته عدالت اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ مشاورت کانپوءِ آءِ جي کي تبديل ڪيو ويندو. قانون ۾ آءِ جي سنڌ جي ملازمت جو مُدو 3 سال آهي. عدالت حڪم ڏنوآهي ته نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري قانون موجب ڪئي وڃي، سنڌ سرڪار طرفان آءِ جي سنڌ جي تبديليءَ جي حوالي سان لکيل خط جو جواب نه مليو آهي، تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو جواب اچڻ تائين ڪليم امام آءِ جي سنڌ رهندو. سنڌ هاءِڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ بابت سنڌ حڪومت جا قدم غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهن ان کان علاوه آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو طريقو سنڌ حڪومت جي نئين قانون پوليس ايڪٽ 2019 جي به ڀڃڪڙي آهي ان جي لاءِ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت گذريل هفتي آءِ جي سنڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. سنڌ حڪومت نئين آءِ جي لاءِ وفاقي حڪومت کي به خط لکيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں