ايران جو پلاند: عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي بيلسٽڪ ميزائل حملا، 80 ڄڻا مارجي ويا

0Shares

بغدد/تهران (م ڊ) ايران آمريڪي ڊرون جي نتيجي ۾ القدس فورس جي سربراهه جنرل قاسم سليماني جي شهادت جي جواب ۾ عراق ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي 2 فوجي اڏن تي بيلسٽڪ ميزائل حملا ڪيا، 80 ڄڻا مارجي ويا برطانوي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب تهران جي مقامي وقت موجب رات ڏيڍ وڳي عراق ۾ 2 فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو، جتي آمريڪي، اتحادي فوج جا اهلڪار رهن ٿا، جڏهن ته مذڪوره حملي ۾ ايران پنهنجي سرزمين کان هڪ درجن کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا، ايران جي سرڪاري ٽيليويزن موجب ايران جي اسلامي پاسداران انقلاب قاسم سليماني جي شهادت جي جواب ۾ راڪيٽ فائر ڪرڻ جي تصديق ڪئي، بيان ۾ آمريڪا کي وڌيڪ جانين جي نقصان کان بچڻ لاءِ خطي ۾ پنهنجا فوجي اهلڪار واپس گهرائڻ جي تجويز به ڏني وئي، آمريڪي اتحادي اسرائيل کي خبردار ڪيو ويو آهي ته حملن جي لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال نه ٿيڻ ڏي. آمريڪي دفاع کاتي پينٽاگون جي طرفان ايراني حملي سبب ٿيندڙ فوتين جو انگ فراهم نه ڪيو ويو، پينٽاگون جي ترجمان جوناٿن هوفمين هڪ بيان ۾ چيو ته عراق ۾ الاسد هوائي اڏي ۽ اربيل ۾ هڪ وڌيڪ اڏي کي نشانو بڻايوويو، اسان نقصان بابت ڪم ڪري رهيا آهيون. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ آمريڪي عوام کي تسلي ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ته هن وقت تائين سڀ ٺيڪ آهي، اسان وٽ دنيا جي سڀ کان بهترين ۽ طاقتور فوج آهي، چيو ته عراق ۾ 2 فوجي اڏن تي ايراني ميزائل حملن ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ فوتين جو اندازو لڳايو پيو وڃي ۽ ان تي ڪجهه دير ۾ بريفنگ ڏني ويندي. ٻئي طرف ايران جي سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوجي اڏن تي حملن ۾ 80 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته آمريڪي هيليڪاپٽرز ۽ فوجي سامان کي شديد نقصان پهتو آهي، ڀارتي نيوز ايجنسي اي اين آءِ به آمريڪي فوجي اڏن تي ايراني حملي ۾ 80 ماڻهن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب آمريڪي صدر جو سڀ ٺيڪ آهي جو بيان نقصان لڪائڻ جي ڪوشش آهي. آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته آمريڪي ريڊار دوران اڏام ميزائلز جي وقت تي خبر پوڻ ۾ ڪامياب رهيو هو، جنهن جي ڪري آمريڪي فوجي محفوظ مقام تي منتقل ٿي ويا هئا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں