واشنگٽن(م ڊ) ايراني حڪومت تي فوري طور واڌو معاشي پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهي پابنديون ان وقت تائين برقرار رهنديون، جيستائين ايران پنهنجو رويو تبديل نٿو ڪري. عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ايران جي حملي کانپوءِ قوم کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته عراق ۾ آمريڪي اڏن تي حملن ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو ۽ احتياطي تدبيرن سبب ڪنهن به آمريڪي ۽ عراقي کي نقصان ناهي پهتو. هن چيو ته اڳواٽ وارننگ سسٽم بهترين ڪم ڪيو، آمريڪي فوج ڪنهن به قسم جي حالتن جي لاءِ تيار آهي ۽ ايران زوال جي طرف وڃي رهيو آهي، جيڪو سڀني لاڳاپيل ڌرين ۽ دنيا جي لاءِ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي. هن جو چوڻ هو ته ايران دنيا ۾ دهشتگردي جي معاونت ڪندو رهيو آهي ۽ مهذب دنيا کي ڊيڄاريندو رهيو آهي، قومون ايران جو وچ اوڀر کي غير مستحڪم ڪرڻ وارو رويو گهڻي عرصي کان برداشت ڪري رهيون آهن، جڏهن ته هاڻ ايران کي ائين ڪجهه ڪرڻ نه ڏينداسين. آمريڪي صدر چيو ته منهنجي حڪم تي جنرل قاسم سليماني کي حملي ۾ قتل ڪيو ويو، هو دهشتگردن جي سرپرستي ڪندو رهيو هو ۽ آمريڪين تي حملن ۾ ملوث رهيو، ان کي پهرين ئي مارڻ کپي ها، هن حزب الله سميت ڪيترن ئي عسڪريت پسند گروپن کي تربيت فراهم ڪئي، جڏهن ته قاسم سليماني آمريڪي مفادن تي وڌيڪ حملن جي منصوبابندي ڪري رهيو هو، جڏهن ته اسان ان کي روڪي ورتو. ڊونلڊ ٽرمپ ايراني حڪومت تي فوري طور واڌو معاشي پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهي پابنديون ان وقت تائين برقرار رهنديون جيستائين ايران پنهنجو رويو تبديل نٿو ڪري. هن چيو ته ايران جي هاڻوڪن ڏينهن ۾ عالمي پاڻين ۾ تيل جي جهازن تي حملا ڪيا، سعودي عرب ۾ چڙ ڏياريندڙ حملا ڪيا ۽ 2 آمريڪي ڊرون به تباهه ڪيا، تهران معاهدي کانپوءِ يمن، لبنان، افغانستان ۽ عراق ۾ تباهي ڦهلائي، جڏهن ته هاڻ معاملو برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو هو ۽ هاڻ دنيا ايران کي پيغام ڏيندي ته ان جي دهشتگردي هاڻ قبول نه ڪئي ويندي. هن جو چوڻ هو ته ايران نه صرف علائقي کي عدم استحڪام جو شڪار ڪيو، بلڪه عوام تي به سخت ۽ جارحاڻو تسلط قائم ڪري رکيو آهي، ايران ۾ ويجهڙائي ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۾ سوين شهرين کي قتل ڪيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟