اسان جنرل سليماني جي قتل جو بدلو وٺي آمريڪا جي منهن تي چماٽ هنئي آهي: ايراني سپريم ليڊر

0Shares

تهران (م ڊ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته اسان جنرل سليماني جي قتل جو بدلو وٺي آمريڪا جي منهن تي چماٽ هنئي آهي، پر صرف فوجي آپريشن ڪافي نه آهي، ايراني قوم کي خطاب ڪندي آيت الله خامنه اي جنرل قاسمسليماني کي ايران جو بهادر سپوت قرار ڏيندي چيو ته قاسم سليماني صرف فوجي نه، سياسي ميدان ۾ به جرئت جو مظاهرو ڪندو هو. هن چيو ته قاسم سليماني کي خطرا هئا، پر خطرن بابت آگاهه هجڻ باوجود هن سدائين ٻين جي جان جي پرواهه ڪئي، سليماني جي شهادت ايراني قوم کي دنيا جي غنڊن خلاف متحد ڪري ڇڏيو آهي. آيت الله خامنه اي چيو ته آمريڪا چاهي ٿو ته عراق به سعودي عرب وانگر کير ڏيندڙ ڳئون بڻجي وڃي، جنرل سليماني عراق ۽ شام ۾ آمريڪا جي منصوبن کي ناڪام بڻايو. هُن چيو ته سليماني جي شهادت اسان کي سجاڳ ڪيو آهي، دنيا اسان جي جاه و جلال ڏسي چڪي آهي، گذريل رات اسان بدلو وٺي آمريڪا جي منهن تي چماٽ هنئي آهي، پر صرف فوجي ڪارروائي ڪافي ناهي، ايران جي مذهبي پيشوا چيو ته ضروري آهي ته اسان پنهنجي دشمن ۽ ان جي منصوبن کي سڃاڻيون، اسان کي دشمن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي سياسي، سائنسي ۽ دفاعي ميدان ۾ تيار ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملي کي مناسب جواب قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ جواد ظريف جو چوڻ هو ته ايران مناسب جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ايران طرفان مناسب جواب مڪمل ٿي ويو آهي. سندس موجب اسان گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجي بچاءَ ۾ ڪارروائي ڪئي، ان فوجي اڏي کي نشانو بڻايو ويو، جتان ايراني جنرل کي هدف بڻايو ويو هو. جواد ظريف چيو ته اسان جنگ وڌائڻ نٿا چاهيون پر جارحيت جو مقابلو ڪنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں