خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جا خواهشمند آهيون، امن لاءِ هر قدم جي حمايت ڪنداسين: آرمي چيف

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) آمريڪا جي بچاءَ واري وزير مارڪ ٽي ايسپر پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ آمريڪا جي بچاءَ واري وزير مارڪ ٽي ايسپر ۾ وچ اوڀر جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب آمريڪا جي بچاءَ واري وزير چيو ته آمريڪا علائقي ۾ تڪرار نٿو چاهي پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڀرپور طاقت سان جواب ڏنو ويندو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي گهٽائي جا خواهشمند آهيون ۽ امن لاءِ کنيل هر قدم جي حمايت ڪنداسين. پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اسان ڌرين تي زور ڏيون ٿا ته اهي جذباتي فيصلن بدران سفارتي طريقي ڪار اختيار ڪن، اسان سڀ دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي خطي ۾ امن لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته اسان افغان مصالحتي عمل ۾ ڪاميابي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندا رهنداسين ته جيئن اهو عمل پٽڙيءَ تان نه هلي ۽ خطو ڇڪتاڻ بدران تڪرارن جي حل ڏانهن وڃي. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان چين ۽ ايران جي سفير پڻ ملاقات ڪئي ملاقات دوران علائقائي ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں