پاڪستان خطي ۾ ڪنهن به جنگ جو حصو نه بڻجندو، امن لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين: عمران خان

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ وڌيڪ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو. وزيراعظم عمران خان سان عمان جي مذهبي معاملن واري وزير عبدالله بن محمد بن عبدالله السلمي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان ۽ عماني وزير جي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ڇو ته جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. هن چيو ته خطي ۾ تڪرار سان پاڪستان کي گهڻو نقصان رسيو آهي، پاڪستان خطي ۾ وڌيڪ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايران آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان هميشه امن جو پارٽنر بڻجندو، پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام ۽ تڪرار جي خاتمي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم عماني سلطان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائي سگهن ٿا. وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير ۾ بدترين انساني صورتحال تي به عماني وزير کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 5 مهينن کان بدترين لاڪ ڊائون جاري آهي.
وزيراعظم عمران خان ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقليتن سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ واري بي جي پي پاليسي کان به آگاهه ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ان صورتحال کان نمٽڻ جي لاءِ قدم کڻندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں