ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ محتسبِ اعليٰ جي مقرريءَ جا اختيار گورنر کان وٺي وڏي وزير حوالي ڪرڻ وارو ترميمي بِل منظور ٿي ويو. اجلاس ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز وچ ۾ منهن ماري به ٿي. اسپيڪر آغا سراج دُراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڊزائين، آثار قديمه ڄامشورو ترميمي بل 2020ع ۽ محتسبِ اعليٰ جي مقرري وارو بل پيش ڪيو ويو. اسيمبلي ۾ محتسبِ اعليٰ جي مقرريءَ جا اختيار وڏي وزير کي ڏيڻ جي حوالي سان ترميمي بِل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. اُن موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪي پي ۽ پنجاب جيان سنڌ ۾ به محتسبِ اعليٰ جا اختيار گورنر کان واپس وٺي وڏي وزير کي ڏيڻ چاهيون ٿا. اجلاس دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ پ پ ايم پي اي تيمور ٽالپر وچ ۾ منهن ماري به ٿي، صوبائي وزير مُڪيش ڪمار بل پيش ڪيو ته اپوزيشن ميمبرز احتجاج بعد واڪ ائوٽ ڪري ويا، اُن باوجود ايوان مان بل منظور ڪيو ويو. بل جي منظوريءَ کان اڳ پ پ ايم پي اي تيمور ٽالپر ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ وچ ۾ منهن ماري به ٿي. صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا بِل پيش ڪيو ته حليم عادل شيخ سيٽ تان اُٿي اُن جي مخالفت ڪئي، جنهن تي پ پ جي تيمور ٽالپر کيس خاموش رهڻ لاءِ دڙڪا ڏنا. تيمور ٽالپر حليم عادل شيخ ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پي ٽي آءِ ميمبرز به اڳيا اچي ويا. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي جي فلور تي پاليسي بيان ڏيندي واضح چيو آهي ته سندس حڪومت ڪڏهن به درآمد ٿيندڙ گيس ( ايل اين جي) خريد نه ڪندي پر هن مطالبو ڪيو آهي ته قدرتي طور سنڌ جي عوام جو آئيني حق صوبي مان پيدا ٿيندڙ گيس جو قبول ڪيو وڃي. وفاقي وزير توانائي عمر ايوب خان ۽ وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر جي ميڊيا ٽاڪ بابت جنهن ۾ انهن دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت گيس جي اوسط قيمت (ڊبليو اي سي او جي) تي اتفاق ڪيو آهي، ان تي وڏي وزير چيو ته اهو سراسر بي بنياد آهي. هن چيو ته مون اهو معاملو سي سي آءِ جي اجلاس ۾ اٿاريو هو ۽ شرڪت ڪندڙن کي درخواست ڪئي هئي ته اهي صوبي مان پيدا ٿيندڙ گيس تي سنڌ جي ماڻهن واري آئيني حق کي قبول ڪن. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم آرٽيڪل 158 تحت درخوات قبول ڪئي آهي. هن چيو ته سي سي آئي جو اجلاس 23 ڊسمبر 2019 تي ٿيو هو ۽ ٻن ڏينهن کانپوءِ 25 ڊسمبر تي هن وزيراعظم کي خط لکي آئين جي آرٽيڪل 158 جي لاڳو واري معاملي بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم پنهنجي جواب ۾ چيو ته هو (وڏو وزير) سي سي آئي اجلاس جي منٽن کي پهرين حاصل ڪندو. وزيراعظم صلاح ڏني ته اجلاس جي منٽن جو انتظار ڪري ۽ انهن کي ڏسي وٺو جيڪڏهن ان کي (وڏي وزير) تي ڪوبه اعتراض آهي ته هو (وزيراعظم) ان مطابق ختم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته سي سي آئي اجلاس جا ڪجهه منٽ هڪ هفتي اندر ئي جاري ڪيا ويا هئا پر پوءِ به انتظار هلي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي ۾ 25000 کان 26000 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي تياري ٿي رهي آهي پر ان عيوض کيس 800 کان 900 ايم ايم سي ايف ڊي مشڪل سان ملي رهي آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته لوڪل گيس جو اگهه 820 رپيا/يونٽ آهي جڏهن ته ايل اين جي جو اگهه 1690 رپيا آهي. هن چيو ته هڪ پاسي اها (حڪومت) اسان کي پنهنجي گيس نه پئي ڏي ۽ ٻئي طرف مهانگو گيس خريد ڪرڻ تي مجبور به ڪري رهي آهي. هن چيو ۽ سوال ڪيو ته جيڪڏهن اسان گيس جي قومي پيداوار 70 فيصد پيدا ڪري رهيا آهيون ته اسان درآمدي گيس جو انتخاب ڇو ڪريون؟ ۽ وڌيڪ چيو ته اسان جو موقف بلڪل چٽو آهي ته عوام کي قدرتي گيس تي سندن آئيني حق ملندو آهي. وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار جي ميڊيا ٽاڪ جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته انهن دعويٰ ڪئي آهي ته ايل اين جي خريد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو سراسر بي بنياد بيان آهي. مراد علي شاهه چيو ته هن وزيراعظم کي هڪ ٻيو خط لکيو آهي جنهن ۾ هن اهڙن اهم معاملن تي پنهنجن وزيرن کي بي بنياد بيان ڏيڻ کان روڪڻ جي درخواست ڪئي آهي. وڏي وزير گيس جي معاملي تي وفاقي وزير ۽ خاص مددگار جي ميڊيا بيانن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان ڪڏهن به اوسط قيمت تي ايل اين جي قبول نه ڪنداسين پر چاهيون ٿا ته اسان جي قدرتي گيس سنڌ مان پيدا ڪئي وڃي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟