ايران ۾ يوڪرين جو مسافر جهاز ڪري تباهه، 176 ڄڻا اجل جو شڪار

0Shares

تهران (م ڊ) ايران ۾ يوڪرائين جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 176 ماڻهو اجل جو شڪار غيرملڪي خبر ايجنسي موجب يوڪرين جو بوئنگ 737 جهاز تهران جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب جهاز فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، خبر ايجنسي موجب جهاز تهران جي امام خميني ايئرپورٽ کان ٽيڪ آف ڪيو، پر ڪجهه دير بعد ئي جهاز جي انجڻ ۾ باهه لڳي وئي، رپورٽس موجب جهاز جي پائليٽ هنگامي لينڊنگ جي ڪوشش ڪئي پر جهاز زمين تي ڪري تباهه ٿي ويو، سوشل ميڊيا تي حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز جي وڊيو به سامهون اچي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز ۾ باهه لڳل هئي، ڪجهه دير بعد زمين تي ڪري تباهه ٿي وڃي ٿو، سرڪاري نيوز ايجنسي موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز ۾ 176 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف ايران ۾ يوڪرين جي تباهه ٿيندڙ مسافر جهاز کي حادثو پيش آيو يا وري تخريبڪاري ڪئي وئي، مختلف بيان سامهون اچڻ کانپوءِ نئين بحث شروع ٿي وئي آهي. يوڪرين جو مسافر جهاز ايران ۾ حادثي جو شڪار ٿيو، جنهن ۾ عملي جي 9 ماڻهن سميت 176 ڄڻا مارجي ويا هئا. ايران ۾ يوڪرين جي سفارتخاني طرفان پهرين چيو ويو هو ته جهاز جي انجڻ ۾ خرابي سبب باهه لڳي، جيڪا حادثي جو سبب بڻي. جڏهن ته ان کانپوءِ وري يوڪرين جي سفارتخاني هڪ ٻيو بيان جاري ڪيو ، جنهن ۾ انجڻ جي خرابي جو لفظ هٽايو ويو. ان بيان کانپوءِ جهاز کي پيش آيل حادثو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ۽ مختلف حلقن طرفان جهاز کي حادثي بدران تخريبڪاري جو نشانو بڻائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. يوڪرين ايران جي لاءِ فضائي آپريشن اڻڄاتل مدي تائين معطل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ايران حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز جو بليڪ باڪس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ايران جي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي سربراهه علي عابد زاده جو چوڻ آهي ته اڃا طئه ناهي ڪيو ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز جو بليڪ باڪس کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن کي ڏينداسين پر جهاز جو بليڪ باڪس بوئنگ جي حوالي نه ڪيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں