وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس، آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري، اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم

0Shares

اسلام آباد (بيورو)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انشاءَ الله 2020ع ۾ پاڪستان ترقي جون منزلون طئه ڪندو. عالمي ادارا پاڪستان جي معاشي بهتري جو اعتراف ڪري رهيا آهن، ماڻهن کي نوڪريون ملنديون.اسلام آباد ۾ رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته قومن تي ڏکيا وقت ايندا رهندا آهن، الله تعاليٰ ڏکئي وقت ۾ انسانن کي آزمائيندو آهي. آزمائش مان نڪرندڙ قومون مضبوط ٿي وينديون آهن. اسان جو هدف سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ آهي.وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ تعليم تي توجهه نه ڏني وئي، حالتون صحيح نه هئڻ تعليم تي توجهه نه ڏيڻ جي ڪري آهن. هڪ دور هو وچ اوڀر مان ماڻهو پاڪستان ۾ تعليم لاءِ ايندا هئا. اسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي گهڻو زور ڏنو ويو آهي. اعليٰ تعليم جو معيار وڌائڻ تمام ضروري آهي.هن جو چوڻ هو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بي شمار وسيلن سان نوازيو آهي، اسان جو هدف ملڪي نظام ٺيڪ ڪري ميرٽ بحال ڪرڻو آهي. اڳوڻا حڪمران ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ چاهين پيا، اهو ننڍو ويزن آهي. آئون پاڪستان کي مدينه جي رياست بڻائڻ چاهيان ٿو، جنهن ۾ سڀني جي لاءِ هڪجهڙو قانون هو، جنهن پهريون ڀيرو ڪمزور طبقي جي ذميواري کنئي.وزيراعظم عمران خان اعتراف ڪيو ته سال 2019ع هڪ ڏکيو سال هو، روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿيڻ شروع ٿي ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيون. روپئي جي قدر گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي وڌي. جڏهن ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هاڻ معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. عالمي ادارا معاشي بهتري جو اعتراف ڪري رهيا آهن. انشاءَ الله سال 2020ع ۾ پاڪستان ترقي ڪندو. ٻئي طرف وزير اعظم عمران خان کائڻ ۽ پيئڻ وارين شين ۾ ملاوٽ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ملاوٽ ڪندڙن خلاف سخت ايڪشڻ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته اهڙا عنصر ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن ملاوٽ ۾ ملوث عنصر رڳو ڪجهه سڪن جي عيوض عوام جي زندگين ۽ صحت سان کيڏي رهيا آهن، اهڙي عنصر جي خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو وڃي. اجلاس ۾ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، وفاقي سيڪريٽرين، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽريز ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت ۾ لاڳو ” درست دام“ اپليڪيشن جينظام کي صوبن جي وڏن شهرن ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.  اجلاس کي گوشت، مصالحن ۽ دالين ۽ کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ملاوٽ جي خلاف ڪريڪ ڊائون تي بريفنگ ڏني وئي. خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته عوام کي ضرورت جي شين جي قيمتن جي باري ۾ آگاهي فراهمي ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جيان ”درست جام“ اپليڪيشن جنوري جي پهرين هفتي ۾ پشاور، مردان ۽ ايبٽ آباد ۾ شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته کائڻ پيئڻ وارين شين ۾ ملاوٽ جي خلاف ڪريڪ ڊائون جي حوالي سان سڄي صوبي مان 2.122 نمونا گڏ ڪيا ويا آهن. حڪومت جي جديد ليبارٽريز ۽ پاڪستان ڪونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽرئيل ريسرچ جي ذريعي چيڪ ڪرايو ويو آهي. چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه اجلاس کي ٻڌايو ته حاصل ٿيل انگن اکرن موجب کير ۾ شهري علائقن ۾ 44.2 سيڪڙو پاڻي جي ملاوٽ جڏهن ته ٻهراڙي ۾ 50.5 سيڪڙو ملاوٽ ٿي. هگن چيو ته کير ۾ ڪيميڪل گڏائڻ جو تناسب شهري علائقن ۾ 3.14 جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لڳ ڀڳ 1 سيڪڙو ڏٺو ويو. کاڄرو تيل ۾ فري فيٽي ايسڊ جي ملاوٽ شهري علائقن ۾ 75 سيڪڙو جڏهن ٻهراڙي علائقن ۾ 60.71 سيڪڙو ٿي. اجلاس کي هن ٻڌايو ته ننڍي عمر ۽ بيماري ورتل گوشت جي شرح شهري علائقن ۾ 1.71 سيڪڙو جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 2.85 سيڪڙو ٿي. گوشت ۾ پاڻي ۽ رنگ ملائڻ جي شهر شهري علائقن ۾ لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اِها شرح 10 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں